اسلام آباد (زاهد گشڪوري) بحريا ٽائون مني لانڊرنگ ڪيس ۾ نوان نالا سامهون اچي رهيا آهن، ايف آءِ اي انهن جي گرفتاري جي ڪوشش ۾ آهي. هڪ نئون نالو مشتاق نالي شخص جو به سامهون آيو آهي، جنهن جو وڏي شخصيت سان واسطو ٻڌايو پيو وڃي، جنهن خلاف مني لانڊرنگ جو ڪيس داخل ٿيو آهي، سندس 40 ملڪيتن جي جاچ ٿي رهي آهي. ايف آءِ اي ٽيم ذريعن موجب سنڌ ۽ اسلام آباد سان لاڳاپيل سياسي شخصيتن بابت به جاچ ڪئي پئي وڃي.