ڪراچي(رپورٽر)متحده قومي موومينٽ پاڪستان (ايم ڪيو ايم) جي اڳواڻ خواجااظهار چيو آهي ته اسان وفاق جا اتحادي ضرور آهيون، پر ڪراچيءَ وارن تي ظلم ٿيندو ڏسي نه ٿا سگهون.هن ڪراچيءَ جي بهادرآباد علائقي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي چورن سان گڏ ملي وئي آهي، ڪراچيءَ ۾ 20 هزار رپين جو بجليءَ جو بل ٽيڪسز لڳڻ کانپوءِ 42 هزار رپيا ٿي وڃي ٿو، بجليءَ جي بلن ۾ ناجائز چارجز ۽ ٽيڪسن جي ڀرمار آهي.ايم ڪيو ايم اڳواڻ الزام هنيو ته پيپلز پارٽي ڪي اليڪٽرڪ کي شَھ ڏني آهي، ڪي اليڪٽرڪ 25 سال اڳ جتي هئي، اڄ به ان جاءِ تي بيٺي آهي، رڳو سنڌ نه پر وفاقي سطح جا ماڻهو به ڪي اليڪٽرڪ سان مليل آهن. ڪراچيءَ وارن کي ڪي اليڪٽرڪ جي ظلمن کان بچائڻ لاءِ وزيراعظم کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي، شهر مان 350 ارب رپيا کان وڌيڪ ٽيڪس ورتو وڃي ٿو، پر ان جي عيوض ڪراچيءَ وارن کي ڪا به سهولت نه ٿي ملي. خواجه اظهار سوال اٿاريو ته "ورلڊ بئنڪ جا پئسا آخر ڪيڏانهن وڃن ٿا؟ ڪراچيءَ مان سياستدانن جي هوس ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿي وٺي،