ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان گنھور خان اسراڻ ايم ڪيو ايم اڳواڻ خواجه اظهار الحسن جي بيان کي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ ايم ڪيو ايم اڳواڻ خواجه اظهار الحسن جي بيان کي سياسي منافقت قرار ڏنو آهي. هن چيو ته خواجه اظهار الحسن ڪراچي جي مسئلن تي واڳون وارا ڳوڙها وهائي رهيو آهي، ايم ڪيو ايم پاڻ هن شهر جي مسئلن جي باني ۽ سهولتڪار رهي آهي، ڪراچي ۾ ڏهاڪن کان اقتدار ۾ رهندڙ پارٽي هاڻي پنهنجي ڪارڪردگي کان اکيون بند ڪري سنڌ حڪومت تي الزام لڳائي رهي آهي، گنھور خان اسراڻ چيو ته خواجه اظهار کي ياد رکڻ گهرجي ته سندس پارٽي هن وقت وفاقي حڪومت جي اتحادي آهي، ايم ڪيو ايم وفاق ۾ وزارتن جي بدلي ۾ ڪراچي جي ماڻهن جي حقن تي سمجهوتو ڪيو، ايم ڪيو ايم وفاقي حڪومت جي اتحادي آهي ۽ اهم وفاقي وزارتن فائز آهي، اهي وفاق سان سنڌ جي حقن جي خلاف ورزين تي ڇو نه ٿا ڳالهائين؟