اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني چيو آهي ته شفافيت ۽ گُڊ گورننس جي حوالي سان افسوسناڪ ڏينهن آهي، ڇاڪاڻ ته پاڪستاني عوام کي آمريڪي صدر جي ٽوئيٽ ذريعي خبر پئي ته تيل ڪڍڻ جو معاهدو طئي ٿي ويو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رضا رباني چيو ته وفاقي حڪومت کي سمجهڻ گهرجي ته اهڙا معاهدا يا منصوبا آئين جي آرٽيڪل 172 تحت هلن ٿا. آئين موجب ملڪ جي زمينن، معدنيات ۽ ٻين قيمتي وسيلن جي 50 سيڪڙو ملڪيت صوبن وٽ آهي. رضا رباني جو چوڻ هو ته وفاقي حڪومت کي نئين مغربي ايجنڊا تحت کنيل قدمن بابت پارليامينٽ کي فوراً اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي، ۽ گڏيل مفادن واري ڪونسل (CIC) جو اجلاس فوري طور تي گهرائڻ گهرجي .