اسلام آباد(بيورو رپورٽ/م ڊ) سينيٽ جي آءِ ٽي بابت اسٽينڊنگ جي اجلاس دوران غيرقانوني ڪال سينٽرز بابت بريفنگ ۾ انڪشاف ٿيو ته اهي سينٽر پاڻ کي آءِ ٽي ڪمپني طور رجسٽر ڪرائين ٿا. ڪميٽي واضح ڪيو ته جيستائين ڊيٽا پروٽيڪشن تي ڪو قانون نه ٺاهيو ويندو، ماڻهن سان مالي فراڊ جا واقعا ٿيندا رهندا. اسٽينڊنگ ڪميٽي ايندڙ اجلاس لاءِ ڊي جي اين سي سي اي اي کي طلب ڪري ورتو آهي. اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو، جتي غير قانوني ڪال سينٽرز تي بريفنگ لاءِ خاص طور تي وڪيل طارق خٽڪ کي سڏيو ويو. هن ٻڌايو ته پاڪستان ۾ ڪيترائي غير قانوني ڪال سينٽرز هلن پيا، جيڪي پرڏيهي ملڪن سان فراڊ ڪن ٿا. فِيڪ اي ميل، سوشل ميڊيا فراڊ انهن جو طريقو آهي، جنهن سان پاڪستان جي معيشت کي نقصان پڄي رهيو آهي. انهن سينٽرز جي ريگيوليشن پي ٽي اي جي ذميواري آهي.پي ٽي اي جي اختيارين ٻڌايو ته لائسنس جاري ڪرڻ پاڪستان سافٽ ويئر ايڪسپورٽ بورڊ جي ذميواري آهي، پي ٽي اي ڪال سينٽرز کي ريگيوليٽ نٿو ڪري. ڊائريڪٽر نئشنل سائبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي ٻڌايو ته ملڪ اندر 54 غير قانوني ڪال سينٽرز تي ڇاپا هنيا ويا. قانون موجب "ڪال سينٽرز” جي هڪ الڳ تعريف آهي، انهن کي غير قانوني سڏڻ درست ناهي، انهن کي رڳو "سينٽرز” سڏيو وڃي ٿو. اهي ٽيليگرام تي گروپ ٺاهين ٿا جتي ماڻهن کي چون ٿا ته پيسو لڳايو. جڏهن ڪو ماڻهو پيسو واپس گهري ٿو ته ان کي گروپ مان ڪڍي ڇڏين ٿا. ڇاپن دوران معلوم ٿيو ته انهن سينٽرز ۾ گهڻا نوجوان ڪم ڪن ٿا. اجلاس دوران 2024ع جي آرٽيفيشل انٽيليجنس بل تي پڻ بحث ٿيو، جتي سيڪريٽري آءِ ٽي ٻڌايو ته اي آءِ پاليسي وفاقي ڪابينا منظور ڪري چڪي آهي. اي آءِ دنيا ۾ انقلاب آڻي چڪي آهي. سينيٽر افنان الله چيو ته اي آءِ کي ريگيوليٽ ڪرڻ گهرجي، ڇو ته اي آءِ جي ڪري ڪيترين نوڪرين جو خاتمو ٿي سگهي ٿو. اي آءِ جي سماجي اثرن جو پڻ جائزو وٺڻ ضروري آهي. ان ۾ درستگي ۽ صداقت هجڻ گهرجي. سينيٽر ڪمراڻ مرتضىٰ اي آءِ جي فراهم ڪيل معلومات تي عدم اطمينان ظاهر ڪندي چيو ته هو وڪيل آهي، پر کيس قانون بابت صحيح جواب نه مليا.
-
نواز شريف ملڪ جو صدر بڻجڻ جو خواهشمند؟
اسلام آباد(م ڊ) مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر عرفان صديقي پارٽي قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي صدر بڻجڻ يا ڪنهن به سياسي عهدِي تي واپسي جو ارادو رکڻ بابت افواهن کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي، هن جو هي بيان ان وقت سامهون آيو جڏهن سوشل ميڊيا ۽ ڪجهه حلقن ۾ صدر آصف علي زرداري جي استعيفيٰ جا افواهه گردش ڪري رهيا آهن، جن کي مختلف سياسي جماعتن پڻ رد ڪري ڇڏيو آهي، هڪ ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي عرفان صديقي واضح لفظن ۾ چيو ته نه نواز شريف ڪڏهن صدر بڻجڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي، نه ئي اهڙي ڪا ڳالهه ٿي آهي، هي سڀ افواهون ۽ ميڊيا جون من گهڙت ڪهاڻيون آهن، هن وڌيڪ چيو ته ماضي ۾ به سياسي حالتن، وقت ۽ موقعن کي نظر ۾ رکندي فيصلا ڪيا ويا، اهڙي صورتحال صدر زرداري جي چونڊ واري معاملي ۾ به هئي، جيڪو اڳ ۾ ناقابلِ تصور سمجهيو ويندو هو.