پشاور(م ڊ) خيبر پختونخوا اسيمبلي ۾ سينيٽ جي ضمني چونڊ ۾ پي ٽي آءِ جي مشعال يوسفزئي ڪامياب ٿي سينيٽر چونڊجي وئي، چونڊ دوران پي ٽي آءِ جي اميدوار مشعال يوسفزئي کي 86 ووٽ مليا، جڏهن ته اپوزيشن جي اميدوار مهتاب ظفر 53 ووٽ حاصل ڪيا، اها سيٽ ڊاڪٽر ثانيه نشتر جي رٽائرمينٽ سبب خالي ٿي هئي، جڏهن ته چونڊ ۾ ڪنهن به اميدوار جي کٽڻ لاءِ 73 ووٽ گهربل هئا.
-
سنڌ هاءِ ڪورٽ جو لياري مان گم ٿيل نوجوان جي بازيابي جو حڪم
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ذوالفقار سانگي ۽ جسٽس نثار ڀنڀرو تي ٻڌل آئيني بئنچ لياري مان گم ٿيل نوجوان عبدالله جي بازيابي لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران عدالت ڌرين کي 21 آگسٽ لاءِ نوٽيس جاري ڪندي نوجوان کي فوري طور بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. درخواست گذار والد عدالت آڏو موقف اختيار ڪيو ته سندس پٽ عبدالله کي ڪجهه ڏينهن اڳ گهر مان سادي لباس وارن اهلڪارن کنيو، ۽ تڏهن کان وٺي سندس ڪا به خبر ناهي.