پيءَ کي جيل ۾ انتهائي خراب حالت ۾ رکيو ويو آهي، آمريڪا مان اميد آهي: قاسم خان

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي پٽ قاسم خان چيو آهي ته سندس والد کي انتهائي خراب حالتن ۾ قيد رکيو ويو آهي ۽ اهي حالتون هر گذرندڙ لمحي سان وڌيڪ بگڙي رهيون آهن.
قاسم ۽ سندس ڀاءُ سليمان خان، جيڪي اڳوڻي وزيراعظم جي آزادي لاءِ مهم هلائي رهيا آهن، آمريڪا ۾ مختلف قانون سازن سان ملاقاتون ڪيون هيون، هنن جي ملاقات اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ويجهي ساٿي رچرڊ گرينيل سان به ٿي.
آمريڪي خابرو اداري کي انٽرويو ۾ قاسم خان چيو ته عمران خان کي اڪيلائي ۾ قيد رکيو ويو آهي، کيس جنهن سيل ۾ رکيو ويو آهي، ان جي حالت رهڻ جهڙي ناهي، پي ٽي آءِ باني کي وهنجڻ لاءِ گندو پاڻي ڏنو پيو وڃي، ان جيل ۾ اهڙي حالت ۾ قيد 10 ڄڻا فوت به ٿي چڪا آهن.
هن چيو ته عمران خان کي رڳو ٻن ڪلاڪن جي روشني نصيب ٿيندي آهي، اسان کي ساڻس ڪنهن به قسم جي ڳالهه ٻولهه جي به اجازت ناهي، مان ۽ منهنجو ڀاءُ هن وقت آمريڪا مان مدد جي اميد ڪري رهيا آهيون، هتي ڪيترائي ماڻهو ڳڻتي جو اظهار ڪري رهيا آهن ۽ لڳي ٿو ته اهو ئي هن وقت واحد امڪاني رستو آهي.
سندس چوڻ هو ته عمران خان فيبروري 2024ع جي چونڊن ۾ ڌانڌلي باوجود ڪاميابي حاصل ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.