لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز لاهور جي عوام لاءِ چين جي تيار ڪيل جديد ۽ ماحول دوست اليٽرڪ ٽرين جي وڊيو جاري ڪري ڇڏي، گڏوگڏ هن جديد سفري سهولتن واري ٽرين لاهور پهچڻ جو به اعلان ڪيو.
مريم نواز ايڪس تي لکيو ته ڏکڻ ايشيا جي پهرين اي آر ٽي لاهور پهچي وئي آهي، اها بنا پٽڙي جي ۽ رٻڙ جي ٽائرن سان هلندي آهي ۽ 300 مسافر کڻي سگهي ٿي، اها جديد ۽ ماحول دوست ٽرين آهي، جلد ڪينال روڊ تي ان جو آزمائشي سفر ڪيو ويندو.
ڪيترائي سوشل ميڊيا واهپيدار پنجاب حڪومت جي ان قدم جي تعريف ڪندي آيا ۽ مطالبو ڪيو ته اهڙيون ٽرينون پاڪستان جي ٻين شهرن ۾ به آنديون وڃن، جڏهن ته ڪجهه واهپيدارن مريم نواز تي تنقيد پڻ ڪئي ۽ چيو ته پنجاب جا ٻيا شهر به آهن پر توهان سڄو پيسو لاهور تي ضايع ڪري رهيا آهيو.
You might also like