سپريم ڪورٽ جو طلاق يافتا ڌيءُ کي پيءُ جي پينشن ڏيڻ جي حوالي سان وڏو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ طلاق يافتا ڌيءُ کي پيءُ جي پينشن شادي جي حيثيت سان نه پر حق جي بنياد تي ڏيڻ جو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ طلاق يافتا ڌيءُ کي پيءُ جي پينشن ڏيڻ بابت فيصلو جاري ڪندي سنڌ حڪومت جو سرڪلر ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.
جسٽس عائشا ملڪ 10 صفحن تي ٻڌل لکت فيصلي ۾ چيو ته پينشن خيرات يا بخشش نه پر هڪ آئيني ۽ قانوني حق آهي، جيڪو سرڪاري ملازم جي گهر ڀاتين کي منتقل ٿيندو آهي ۽ ان ۾ دير ڏوهه جي زمري ۾ اچي ٿي.
عدالت واضح ڪيو ته ڌيءُ جي پينشن شادي جي حيثيت بدران مالي ضرورت ۽ حق جي بنياد تي ڏيڻ گهرجي، طلاق جو وقت پيءُ جي لاڏاڻي کان اڳ يا پوءِ اڻ لاڳاپيل آهي.
سپريم ڪورٽ سنڌ حڪومت جي 2022 جي سرڪلر کي غير آئيني قرار ڏيندي چيو ته ڌيءُ جي پينشن کي شادي سان مشروط ڪرڻ آئين جي آرٽيڪل 9، 14، 25 ۽ 27 جي ڀڃڪڙي آهي.
عدالت اهو به چيو ته پاڪستان جو صنفي برابري ۾ عالمي درجي بندي ۾ آخري نمبر تي هجڻ افسوسناڪ آهي.
واضح رهي ته اهو ڪيس هڪ طلاق يافتا عورت طرفان داخل ڪيو ويو هو، جنهن ۾ هن پنهنجي مرحوم پيءُ جي پينشن ٻيهر شروع ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻو بينچ عورت جي حق ۾ فيصلو ڏنو هو، جنهن خلاف سنڌ حڪومت سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو ته پينشن ڌيءُ کي رڳو ان صورت ۾ ملي سگهي ٿي، جڏهن هوءَ پيءَ جي لاڏاڻي وقت طلاق يافتا هجي پر سپريم ڪورٽ سنڌ حڪومت جي اپيل کي رد ڪندي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.