” سونامي“ هڪ جپاني لفظ آهي، جيڪو ٻن لفظن جو ميلاپ آهي ”سو“ جنهن جي معنيٰ آهي بندرگاهه يا سمنڊ ڪنارو ۽”نامي“ يعني وڏي، ڊگهي ۽ بلند سامونڊي لهر.
لفظ ”سونامي“ جي لغوي معنيٰ آهي ” اهڙيون آدم قد سامونڊي لهرون، جيڪي بندرگاهه يا سامونڊي علائقن کي ڊانوان ڊول ڪريو ڇڏين.“ سونامي عام طور تي زلزلي، زميني سلائيڊنگ (لينڊ سلائيڊنگ) يا آتش فشان جي ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندي آهي.
اها اصطلاح خاص طور تي اهڙين لهرن لاءِ استعمال ڪئي ويندي آهي، جيڪي سمنڊ جي سطح هيٺان آيل زلزلي جي نتيجي ۾ جنم وٺن ٿيون.
اهڙيون لهرون مختلف رفتار سان سفر ڪنديون آهن، پر انهن شروعاتي رفتار ڏاڍي تيز هوندي آهي، جيڪي وقت سان گڏ هوريان هوريان ماٺيون ٿي وينديون آهن، جڏهن اهي لهرون سامونڊي ڪنارن سان ٽڪرائينديون آهن تڏهن انهن جي شدت جو صحيح اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
رپورٽ موجب، هڪ سونامي ان وقت ٺهندي آهي، جڏهن سمنڊ هيٺان زلزلو ايندو آهي ۽ ان زلزلي مان نڪرندڙ توانائي سمنڊ جي تري کي ڪيئي ميٽرن تائين ٿوڏي ڇڏيندي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هزارين ڪعبي ڪلوميٽر پاڻيءَ ۾ تيز ۽ خطرناڪ حرڪت پيدا ٿيندي آهي.
گڏيل قومن طرفان سونامي کي هن ريت بيان ڪيو ويو آهي” اهڙيون سامونڊي لهرون، جيڪي گهڻو ڪري پاڻيءَ جي ڀِتِ جهڙيون هونديون آهن ۽ جيڪي سامونڊي پٽيءَ تي حملي آور ٿيڻ سان گڏوگڏ ڪيئي ڪلاڪن تائين خطرناڪ ثابت ٿي سگهن ٿيون.
سونامي جي صورت ۾ پيدا ٿيندڙ پهرين لهر سدائين سڀ کان وڏي يا طاقتور ناهي هوندي، مثال طور، 2004ع ۾ آيل هندي سمنڊ واري سونامي جي ٻي لهر سڀ کان وڏي ۽ طاقتور هئي، پر 1964ع ۾ آمريڪا جي رياست آلاسڪا ۾ آيل سونامي جي چوٿين لهر سڀ کان وڏي ۽ خطرناڪ ثابت ٿي هئي.