اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان، آپريشن سندر بابت ڀارت جا بي بنياد ۽ چڙ ڏياريندڙ بيان رد ڪري ڇڏيا.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان ڀارتي پارليامينٽ جي هيٺين ايوان ”لوڪ سڀا“ ۾ ”آپريشن سندور” بابت ڀارتي حڪمرانن جا بيان رد ڪريون ٿا. ڀارتي اڳواڻن جا الزام ۽ چڙ ڏياريندڙ دعوائون بي بنياد آهن.
ترجمان جو چوڻ هو ته ڀارتي بيان حقيقتن کي ٽوڙڻ ۽ جارحيت کي جائز قرار ڏيڻ جي ڪوشش آهن، ڀارت، پهلگام حملي جي جاچ کانسواءِ پاڪستان تي حملو ڪيو، 6 ۽ 7 مئي جي وچ واري رات ڀارت جي حملي ۾ معصوم شهري شهيد ٿيا.
ترجمان چيو ته ڀارت پنهنجا اسٽريٽجڪ هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، جڏهن ته پاڪستان ڀارتي جهازن ۽ هدفن کي نشانو بڻائي ڪاميابي حاصل ڪئي.
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ هو ته ڀارتي اڳواڻ پنهنجو نقصان تسليم ڪن ۽ ٽئين ڌر جي ڪردار کي قبولين پاڪستان جي شفاف، آزاداڻي جاچ جي آڇ ڀارت رد ڪئي، ڀارت جارحيت جو رستو اختيار ڪيو ۽ پاڻ ئي جج، جيوري ۽ ايگزيڪيوشن بڻجي ويو، مئي 2025 ۾ پاڪستان ڀارتي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏنو.
ترجمان چيو ته آپريشن مهاديو بابت ڀارتي دعوائن کي پاڪستان ڪا اهميت نٿو ڏئي. ڀارتي گهرو وزير امت جو بيان ڪوڙ ۽ افسانن تي ٻڌل آهي، جڏهن ته پهلگام حملي جا مبينا جوابدار لوڪ سڀا ۾ بحث جي شروعات ۾ ئي مارجي ويا هئا.