لاس اينجلس اولمپڪس 2028ع ۾ ڪرڪيٽ جي فيصلن تحت آءِ سي سي مردن جي ڪرڪيٽ ٽيمن جي ڪوليفاءِ ڪرڻ جو طريقو طئي ڪري ڇڏيو .
انٽرنيشنل اولمپڪ ڪاميٽي آءِ سي سي جي ريجنل ڪواليفائينگ فارميٽ جي حمايت ڪري ڇڏي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي هڪ رپورٽ موجب، آءِ سي سي اولمپڪس لاءِ ريجنل ڪواليفائنگ فارمولو استعمال ڪندو، ايشيا، اوشينا، آفريڪا ۽ يورپ ريجن مان ٽاپ رينڪنگ ٽيم جي سڌي ريت ڪواليفاءِ ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي.
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
رپورٽ موجب، آمريڪا ميزبان جي حيثيت سان اولمپڪس ۾ شرڪت ڪندو، ڇهين ٽيم جي ڪواليفاءِ ڪرڻ جو طريقو اڃا طئي نه ٿيو آهي، آءِ سي سي جي هن فارميٽ مان نيوزيلينڊ ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ناخوش آهن.
ريجنل ٽاپ ٽيمن جي فيصلي تي پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊن تنقيد ڪئي، ان فارمولن تحت پاڪستان ٽيم لاءِ اولمپڪس ۾ سڌي ريت پهچڻ ڏکيو بڻجي ويندو، ڇو ته پاڪستان هن وقت آءِ سي سي رينڪنگ ۾ اٺين نمبر تي موجود آهي جڏهن ته ڀارت پهرئين نمبر تي آهي، ايشيا مان ڀارت ٽاپ رينڪ هئڻ ڪري سڌي ريت اولمپڪس ۾ ڪواليفاءِ ڪندو.
اوشينا ريجن مان نيوزيلينڊ ٽيم عالمي رينڪنگ ۾ چوٿين نمبر تي هئڻ باوجود اولمپڪس لاءِ ڪواليفاءِ نه ڪري سگهندي، عالمي رينڪنگ ۾ ٻئي نمبر تي موجود آسٽريلوي ٽيم اوشينا ريجن مان ڪواليفاءِ ڪندي.
آمريڪا ميزبان جي حيثيت سان رينڪنگ ۾ 17هين نمبر تي هجڻ باوجود ڪواليفاءِ ڪندو ۽ يورپ مان گريٽ برٽن جي ٽيم ڪواليفاءِ ڪندي.
ان ڏس ۾ انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ، گريٽ بريٽن جي ٽيم جي جوڙجڪ لاءِ اسڪاٽلينڊ ۽ ڪرڪيٽ آئرلينڊ سان ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون آهن.
واضح رهي ته 128 ورهين بعد اولمپڪس ۾ ڪرڪيٽ جي واپسي ٿي آهي، ميگا ايونٽ مردن ۽ عورتن جون 6،6 ٽيمون شرڪت ڪنديون، عورتن جي ٽيمن جي ڪواليفيڪيشن جو فيصلو ايندڙ سال ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ ۾ ٿيندو.