ليجنڊز ليگ: ڀارت هلڪڙائپ تي لهي آيو، پاڪستان خلاف سيمي فائنل کيڏڻ کان به انڪار

لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ ۾ جاري ورلڊ چيمپيئن شپ آف ليجنڊز (ڊبليو سي ايل) جي ميچن سان گڏوگڏ ڀارتي هوڏ جو سلسلو به جاري آهي، ڀارت رائونڊ ميچ کانپوءِ پاڪستان خلاف سيمي فائنل ميچ به کيڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته ”انڊين ليجنڊز“ جي ٽيم پاڪستان خلاف ليجنڊز ليگ جي سيمي فائنل مقابلي تان به هٿ کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

ذريعن موجب، ڀارتي ٽيم جي انڪار کانپوءِ جيڪڏهن سيمي فائنل نه ٿيو ته پاڪستاني ٽيم واڪ اوور جو مطالبو ڪندي.
واضح رهي ته ان کان اڳ ٽورنامينٽ جي ڀارتي اسپانسر به پاڪ-ڀارت سيمي فائنل مقابلي تان هٿ کڻڻ جواعلان ڪيو هو.
اسپانسر ڪمپني جي سربراهه نشهات پيٽي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ چيو ته ” اسان ڀارتي ٽيم کي ورلڊ چيمپيئن شپ آف ليجنڊز ۾ شاندار ڪارڪردگي تي وڌايون ٿا، ڀارتي رانديگرن قوم جو ڳاٽ فخر وچان بلند ڪيو آهي.“
هن وڌيڪ چيو ته ” پاڪستان خلاف شيڊيول سيمي فائنل رڳو هڪ ميچ ناهي، اسپانسر ڪمپني طور اسان ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڊبليو سي ايل ميچ تان دستبردار ٿي رهيا آهيون، ڪجهه شيون راند کان وڌيڪ اهم هونديون آهن ، پهرين قوم، پوءِ ڪاروبار.“
ياد رهي ته 20 جولاءِ تي به پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ليجنڊز ليگ ۾گروپ ميچ ٿيڻي هئي، پر ڀارتي رانديگرن جي هوڏ سبب طئه ٿيل ٽي ٽي ميچ رد ڪئي وئي هئي.
انتظاميا موجب، اڳوڻي ڀارتي اوپنر شيکر ڌون سميت ڀارتي رانديگرن پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ”موجوده سياسي ڇڪتاڻ“ جو جواز ڄاڻائي ميچ کيڏڻ کان انڪار ڪيو هو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.