روس ۾ زلزلي سبب پيدا ٿيندڙ سونامي جون لهرون ڪئليفورنيا جي سامونڊي ڪنارن تائين پهچي ويون

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اوڀر روس جي سامونڊي ڪناري تي آيل زلزلي کانپوءِ پيدا ٿيندڙ سونامي جون لهرون هاڻي ڪئليفورنيا جي سمنڊ ڪناري تائين پهچي ويون آهن.

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

موسميات کاتي موجب، اهي لهرون رياست جي اترين علائقن ۾ ايرينا ڪوو ۽ مونٽييري تائين پهچي ويون آهن ۽ وڌيڪ اڳتي وڌي رهيون آهن.
واضح رهي ته اوڀر روس ۾ اربع جي مقامي وقت موجب 11 لڳي 15 منٽن 8.8 شدت جو زلزلو آيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو معمولي زخمي ٿي پيا، جڏهن ته علائقي ۾ سونامي جي امڪاني خطري سبب عالمي سطح تي هاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.