روس ۾ 8.8 جي زلزلي کانپوءِ سونامي جو خطرو، ٽوڪيو کان هوائي ۽ ڪئليفورنيا کان نيوزيلينڊ تائين لکين ماڻهن کي وارننگ جاري

ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ) ٽوڪيو کان هوائي تائين ۽ ڪئليفورنيا کان نيوزيلينڊ تائين لکين ماڻهو سونامي جي خدشي سبب هاءِ الرٽ تي آهن.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، اوڀر روس ۾ اربع صبح مقامي وقت موجب 11 لڳي 15 منٽن 8.8 شدت جو زلزلو آيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو معمولي زخمي ٿي پيا، جڏهن ته علائقي ۾ سونامي جي امڪاني خطري سبب عالمي سطح تي هاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

روس جي علائقي سخالين جي اترين ٻيٽ ڪريل ۾ هنگامي صورتحال جو اعلان ڪيو ويو آهي، جتي زلزلي کانپوءِ سونامي جو خطرو وڌي ويو آهي.
جپان جي اترين سامونڊي ڪناري تي 40 سينٽي ميٽر بلند لهرون ڏسڻ ۾ آيون آهن، جڏهن ته امڪان آهي ته سونامي جون لهرون جلد ئي هوائي جي سامونڊي ڪناري سان ٽڪرائينديون.
جپاني حڪومت 19 لک ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ خبردار ڪيو آهي ته سونامي هڪ ڏينهن کان وڌيڪ وقت تائين جاري رهي سگهي ٿي.
ڪئليفورنيا ۾ به مقامي اختيارين ماڻهن کي سامونڊي ڪنارن کان پري رهڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته چين، فلپائن، انڊونيشيا، نيوزيلينڊ، پيرو ۽ ميڪسيڪو ۾ پڻ سونامي الرٽ جاري ڪيا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.