سنڌ ڪرپشن خورن،چورن ۽ ڦورن حوالي آهي:مرتضيٰ جتوئي

نوشھرو فيروز(ظفر تڳر)اڳوڻي وفاقي وزير جي ڊي اي اڳواڻ غلام مرتضيٰ خان جتوئي جي مورو اليڪشن دوران قتل ٿيل بلاول زداري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي،بعد ۾  ميڊيا سان ڳالھائيندي غلام مرتضيٰ جتوئي چيو ته مان پھرين ڏينھن کان چوان پيو ته ڪورٽ اسان سان انصاف ڪنديون ڪالھ ھنڱورجه ٿاڻي تي ھڪ ڪوڙو ڪيس جج صاحب رد ڪندي با عزت بري ڪيو نوشھرو فيروز ۾ امن امان جي سوال تي جواب ڏيندي چيو ته پوليس ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ مان واندي ئي نه ٿي ٿئي ته  امن امان ڪير ڪرائي سنڌ ڪرپشن خورن چورن ڦورن جي حوالي آھي حڪمران رڳو رشوت خوري ۽ انتقامي ڪارروايون ڪرڻ ۾ پورا آھن ڪو به ماڻھو محفوظ نه آھي هن چيو ته  وزيرن مشيرن لاءِ 50 سيڪڙو ڪميشن ٺيڪيدارن لاء 30سيڪڙو باقي ڪم ڪھڙا ايمانداري سان ٿيندا مھانگائي غريب ماڻھن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو،هن چيو ته  بي يارو مددگار ماڻهو حڪمرانن کي بد دعائون ڏئي رھيا آھن،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.