راجوير سنگھه، شانتي جي گهر پهچي ويو، خاندان کي مدد جي خاطري

ڪراچي (رپورٽر) لياري ۾ 19 سالن جي ناري شانتي تي جنسي تشدد ۽ زيادتي واقعي جو نوٽيس وٺندي انساني حقن بابت وڏيوزير جي صلاحڪار راجوير سنگھه سوڍا ۽ انساني حقن بابت ڊائريڪٽر آغا فخر حسين متاثر ناري جي گهر پهچي سندس خاندان سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو، دوري دوران راجوير سنگھه سوڍا کين يقين ڏياريو ته سنڌ حڪومت قانوني ۽ مالي طور تي هر ممڪن مدد فراهم ڪندي ۽ سڀني دستياب وسيلن ذريعي انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ پرعزم رهندي، هن ان ڳالهه کي ورجايو ته بنيادي انساني حقن جو تحفظ، خاص طور تي صنفي بنياد تي تشدد سان لاڳاپيل ڪيسن ۾، صوبائي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، شانتي جي خاندان سول اسپتال ڪراچي ۾ سندس علاج دوران حڪومت جي مدد تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ پهرين معلوماتي رپورٽ (ايف آءِ آر) جي رجسٽريشن ۾ فراهم ڪيل مدد جو اعتراف ڪيو، انهن خاص طور تي ڪيس جي اهم مرحلن دوران سرڪاري عملدارن جي وقت سر جواب ۽ سهڪار کي ساراهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.