قمبر (رپورٽ: محمود شيخ) قمبر ڀرسان ڳوٺ شريفاڻو ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 30 ورهين جو سجاد عرف فاروق ڀٽي قتل ٿي ويو، نوجوان ڳوٺ شريفاڻو کان پنهنجي ڳوٺ گونگهارو وڃي رهيو هو ته رستي ۾ تاڙ ۾ ويٺل هٿياربندن مٿس پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪيو، اطلاع تي پکو پوليس نوجوان جو مڙهه کڻائي قمبر اسپتال پهچايو جتي ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، وارثن ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته کچي برداري جي هڪ ڌر سان زميني تڪرار هلندڙ آهي، ان تان کچي برداري جي ماڻهن اسان جي نوجوان کي قتل ڪيو آهي، ٻئي پاسي پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.