اسلام آباد (بيورو/ م ڊ) قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) ملڪ ۾ کنڊ جي بحران ۽ کنڊ جي قيمتن ۾ بي لغام واڌ تي ناراضگي جو اظهار ڪيو آهي، ڪميٽي کي آگاهي ڏني وئي ته هڪ سال دوران 67 شگر ملز مالڪن 112 ارب رپين جي ماليت جي 74 ڪروڙ ڪلوگرام کنڊ برآمد ڪئي، آڊيٽر جنرل ٻڌايو ته کنڊ جي موجوده بحران ۾ شگر ملز مالڪن 300 اربرپين کان وڌيڪ ڪمائي ڪئي آهي، ڪالهه پي اي سي جو اجلاس چيئرمين جنيد اڪبر جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ اپوزيشن ميمبرن جي اسرار تي شگر ملز مالڪن جا نالا ڪميٽي ۾ پيش ڪيا ويا، جلاس ۾ شگر ملز مالڪن ۽ کنڊ جي درآمد ۽ برآمد بابت بريفنگ ڏني وئي، ڪميٽي کي آگاهي ڏني وئي ته ڊبليو ڊي شگر ملز سڀ کان وڌيڪ 11 ارب رپين جي کنڊ برآمد ڪئي، حمزه شگر ملز 5 ارب رپين جي کنڊ ٻاهر موڪلي، جڏهن ته رمضان شگر ملز 2 ارب 40 ڪروڙ رپين جي کنڊ برآمد ڪئي، ٽينڊلين والا شگر ملز 6 ارب رپين جي، جڏهن ته جي ڪي شگر مل 4 ارب رپين کان وڌيڪ کنڊ ٻاهر موڪلي، ڪميٽي ميمبرن ملڪ ۾ کنڊ جي قيمتن ۾ بي قابو واڌ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته عوام کي کنڊ مهانگي اگهه تي وڪرو ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته شگر ملز کنڊ ٻاهرين ملڪن ڏانهن برآمد ڪري ڇڏي آهي، ڪميٽي چيئرمين جنيد اڪبر خان چيو ته 42 خاندانن هي 300 ارب رپيا ڪمايا آهن، آڊيٽر جنرل چيو ته جيڪڏهن حڪومت چوندي ته کنڊ جي موجوده بحران جو آڊٽ ڪنداسين، ڪميٽي جي ميمبر رياض فتيانه چيو ته کنڊ جي قيمتن جي نالي تي قوم سان 287 ارب رپين جو دوکو ڪيو ويو، ڇا سبب هو جو رات جي پيٽ ۾ ايس آر او جاري ڪري ٽيڪسن ۾ ڇوٽ ڏني وئي؟، خواجه شيراز چيو ته ھارين جو استحصال ڪرڻ لاءِ سمورا حڪومتي ادارا گڏ ٿي وڃن ٿا، معين عامر پيرزادو چيو ته انهن شگر ملن جا مالڪ ڪير آهن؟ ايڪس مل قيمت ۾ هر مهيني 2 رپيا واڌ ڪهڙي بنياد تي ٿي رهي آهي؟ اجلاس دوران سني اتحاد ڪائونسل جي ايم اين اي عامر ڊوگر ۽ حڪومتي ميمبرن ۾ جهڙپ ۽ جملن جي ڏي وٺ به ٿي، عامر ڊوگر الزام لڳايو ته سڀ کان وڌيڪ ملون آصف علي زرداري جون آهن، ٻئي نمبر تي جهانگير ترين ۽ ٽئين نمبر تي شريف خاندان جون ملون آهن، سنڌ ۾ سموريون شگر ملز آصف علي زرداري جون آهن، ان تي ن ليگ جي سينيٽر افنان الله چيو ته عامر ڊوگر اهو نه ٻڌايو ته انهن جي پارٽي ڪنهن جي پئسن سان ٺهي، جڏهن ته شازيه مري سخت ردعمل ڏيندي چيو ته عامر ڊوگر الزام لڳائڻ بدران ثابت ڪري يا وري الزام واپس وٺي، اسين صرف اهو چوندا آهيون ته شگر سيڪٽر مان حڪومتي مداخلت ختم ٿيڻ گهرجي، صنعت ۽ پيداوار واري سيڪريٽري اجلاس کي آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته گذريل سال ملڪ ۾ کنڊ جي پيداوار 76 لک 60 هزار ميٽرڪ ٽن هئي، جنهن مان 13 لک ميٽرڪ ٽن کنڊ فالتو هئي، پنج لک ٽن کنڊ ايندڙ سال لاءِ ريزرو رکي وئي، وفاقي ڪابينا ۽ اي سي سي ٽن مرحلن ۾ 7 لک 90 هزار ٽن کنڊ برآمد ڪرڻ جي اجازت ڏني، جنهن مان 40 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ ناڻو حاصل ٿيو، جڏهن کنڊ برآمد ڪئي وئي، اُن وقت مقامي مارڪيٽ ۾ قيمت 143 رپيا في ڪلو هئي، جڏهن ته هاڻي مارڪيٽ ۾ ايڪس مل قيمت 173 رپيا في ڪلو آهي، پي اي سي چئيرمين ۽ ٻين ميمبرن کنڊ جي قيمتن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته مارڪيٽ ۾ کنڊ 210 رپيا في ڪلو تائين وڪرو ٿي رهي آهي، چئيرمين چيو ته صرف 42 شگر ملز خاطر عوام کي ذليل ڪيو پيو وڃي ۽ ياد ڏياريو ته هنن شگر ملز مالڪن جي فهرست طلب ڪئي هئي، سيڪريٽري صنعت ٻڌايو ته انهن وٽ ملز جي فهرست موجود آهي، جنهن تي چيئرمين ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته شگر ملز نه، پر مالڪن ۽ ڊائريڪٽرن جا تفصيل گهربل آهن، پي اي سي فوري طور شگر ملز مالڪن جا نالا طلب ڪيا، جنهن تي نالا پيش ڪيا ويا، پي اي سي جي ميمبرن انڪشاف ڪيو ته 117 رپيا في ڪلو برآمد ڪيل کنڊ بعد ۾ 170 رپيا في ڪلو جي اگهه سان درآمد ڪئي وئي، خواجه شيراز سوال اٿاريو ته هي ڌاڙا صرف تڏهن ڇو لڳن ٿا جڏهن شگر ملز مالڪن جي حڪومت اچي ٿي؟ خواجه شيراز چيو ته ڇا ڪنهن به اهو اعتراض نه ڪيو ته کنڊ جي درآمد تي ڏنل ٽيڪس جي ڇوٽ آءِ ايم ايف معاهدي جي خلاف ورزي هئي؟ پي اي سي چئيرمين سوال اٿاريو ته جڏهن سڀني صوبن چيو ته کنڊ جو ڪافي اسٽاڪ موجود آهي ته پوءِ درآمد ڪرڻ جو فيصلو ڇو ڪيو ويو؟.