ڪراچي(رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو آهي ته جيڪڏهن ذوالفقار جونيئر اليڪشن وڙهڻ لاءِ تيار آهن ته پوءِ شڪست لاءِ به تيار رهن، اوهان جا والد 1993ع ۾ لياڙي مان اليڪشن وڙهيا هئا، پر ٻئي نمبر تي به نه اچي سگهيا هئا۔ سنڌ حڪومت جي ترجمان نادر گبول ذوالفقار جونيئر جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي چيو ته سياست ۾ حصو وٺڻ هر شهري جو جمهوري حق آهي، اوهان لاڙڪاڻو يا لياڙو مان اليڪشن وڙهڻ لاءِ آزاد آهيو، پر شڪست لاءِ تيار رهو، اوهان جا والد 1993ع ۾ لياڙي مان اليڪشن وڙهيا هئا ته ٻئي نمبر تي به نه اچي سگهيا هئا۔ هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ماڻهن 2024ع جي اليڪشن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي تي گذريل ٽن اليڪشنن کان به وڌيڪ اعتماد ظاهر ڪندي ان کي وڌيڪ ووٽ ڏنا، ايندڙ چونڊن ۾ بهلياڙي جا ماڻهو هڪ ڀيرو ٻيهر پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندا۔ پيپلز پارٽي لياڙي سميت سڄي سنڌ ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪري عوام جو اعتماد حاصل ڪيو آهي۔