زائرين لاءِ زميني رستن جي بندش، ايم ڊبليو ايم جو سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مجلس وحدت المسلمين (ايم ڊبليو ايم) زائرين لاءِ اربعين جي موقعي تي زميني رستن جي بندش خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ايم ڊبليو ايم جي سربراهه سينيٽر علامه راجا ناصر عباس پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان ڪنهن به غير قانوني، غير آئيني ۽ غير اخلاقي قدم کي قبول نه ڪنداسين، مذهبي آزاديءَ تي پابندي آئين جي آرٽيڪل 20 جي سڌي ڀڃڪڙي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته زائرين جي گمشدگي بابت ڏنل بيان تي مذهبي معاملن واري کي معافي گهرڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته گلگت بلتستان کان وٺي ڪراچي تائين سڄي ملڪ ۾ ڌرڻا ۽ پرامن احتجاج ڪيا ويندا، زائرين کي روڪڻ لاءِ ڪنهن به اسٽيڪ هولڊر سان مشاورت نه ڪئي وئي، زائرين ٽڪيٽن، هوٽلن ۽ ويزائن جي مد ۾ 50 ارب رپيا سيڙايا آهن.
هن چيو ته اسان جي مذهبي آزادي پامال ڪئي وئي آهي، آئين ۾ هر پاڪستاني جا حق واضح طور داخل ٿيل آهن ۽ حڪومت جي ذميواري آهي ته عوام جي حقن جو تحفظ ڪري.
سينيٽر راجا ناصر عباس چيو ته وفاقي گهرو وزير ايران ويو هو، جتي ايران ۽ عراق جي وزيرن سان زائرين جي خدمت بابت ڳالهيون ٿيون پر ڪجهه وقت پوءِ معلوم ٿيو ته زائرين زميني رستي زيارتن تي نه وڃي سگهندا، ڇا توهان کي اوچتو خبر پئي ته زميني رستو سيڪيورٽي رسڪ آهي؟
هن چيو ته ان کان اڳ به حڪومت جي نااهلي سبب 67 هزار ماڻهو حج کان محروم ٿي ويا هئا، آئين مذهبي آزادي ڏئي ٿو، جڏهن ته زميني رستو روڪي ماڻهن کان سندن آئيني ۽ مذهبي حق کسيو پيو وڃي.
راجا ناصر عباس چيو ته جيڪڏهن حڪومت زميني رستو بند ڪري رهي آهي ته ان جو مناسب متبادل رستو ڏيڻ گهرجي ها، حڪومت جو ڪم ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪرڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.