غزا: بي لغام اسرائيلي جارحيت ۾ عورتن ۽ ٻارن سوڌو 60 هزار کان وڌيڪ ماڻهو شهيد، عالمي برادري خاموش تماشائي

غزا (ويب ڊيسڪ) فلسطيني جي صحت واري وزارت ڄاڻايو آهي ته 7 آڪٽوبر 2023 کان جاري اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ غزا پٽيءَ ۾ شهيدن جو انگ گهٽ ۾ گهٽ 60 هزار 34 ٿي ويو آهي.
صحت واري وزارت موجب شهيدن ۾ 18 هزار 592 ٻار، 9 هزار 782 عورتون ۽ 4 هزار 412 بزرگ به شامل آهن.
وزارت جي بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته انهيءَ عرصي دوران اسرائيلي حملن جي نتيجي ۾ هڪ لک 45 هزار 870 ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن، ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسرائيلي فوج جي جارحيت جو وڏو نشانو سڌي ريت عام شهري بڻجي رهيا آهن.
فلسطين جي صحت واري وزارت ٻيهر عالمي برادري، انساني حقن جي تنظيمن ۽ طبي ادارن کي پيل ڪئي آهي ته فوري طور مداخلت ڪري اسرائيلي حملا روڪرايا وڃن، شهرين جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ غزا تائين انساني ۽ طبي امداد جي پهچ بحال ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.