جاڏي تاڏي مفت انٽري! جشن آزادي تي سنڌ حڪومت جي شهرين کي وڏي سهولت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جشن آزادي (معرڪه حق) جي مناسبت تي سنڌ حڪومت تاريخي ۽ سياحتي ماڳن تي هر قسم جي فيس ختم ڪري ڇڏي ۽ پهرين کان 14 آگسٽ تائين عوامي داخلا کي مڪمل طور تي مفت قرار ڏنو ويو آهي.
جشنِ آزادي 2025 کي شاندار نموني ملهائڻ لاءِ سنڌ حڪومت وڏو اعلان ڪري ڇڏيو.
وڏي وزير جي خاص هدايت تي صوبي جي سمورن تاريخي، ثقافتي ۽ سياحتي ماڳن تي پهرين کان 14 آگسٽ تائين عوام لاءِ داخلا بنا معاوضي جي هوندي.
ثقافت ۽ سياحت واري وزير ذوالفقار علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ اهڙا فيصلا ڪيا ويا، جنهن موجب سڀ ميوزيم، گيلريون، قلعا، تاريخي قبرستان ۽ ٻيا سياحتي ماڳ عوام لاءِ مڪمل طور تي مفت کوليا ويندا.
سنڌ جي ثقافت کاتي حيدرآباد، سکر ۽ ڪراچي ۾ شاندار موسيقي تقريبون (گرينڊ ميوزڪل ايونٽس) ڪرائڻ جو به فيصلو ڪيو آهي.
نوٽيفڪيشن مطابق ثقافت کاتي پاران شايع ٿيل سڀني ڪتابن تي 50 سيڪڙو رعايت ڏني ويندي، جڏهن ته آرڪائيو گيلري ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ 14 ڏينهن واري نمائش ۾ عوام مفت شرڪت ڪري سگهندو..
13 آگسٽ تي نيشنل اسٽيڊيم ڪراچيءَ ۾ هڪ وڏو موسيقي پروگرام ٿيندو، جنهن ۾ مشهور فنڪارن جي شرڪت جو امڪان آهي.
ذوالفقار علي شاهه چيو ته جشنِ آزادي کي معرڪه حق جي عنوان سان ڀرپور طريقي سان ملهايو ويندو ۽ سڄي قوم جذبي ۽ جوش سان هن عظيم ڏينهن جو استقبال ڪندي، اهي قدم نه رڳو قومي جذبي کي هٿي ڏيندا پر شهرين کي تاريخ، ثقافت ۽ موسيقي سان جڙڻ جو ناياب موقعو به فراهم ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.