”سپريم ڪورٽ فوتي ڪوٽا کي غيرقانوني قرار ڏئي ختم ڪري ڇڏيو، هاڻي شهيد ڪوٽا سميت ٻه ڪيٽيگريون باقي آهن“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس فيصل ڪمال عالم ۽ جسٽس حسن اڪبر تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ۾ ايف بي آر ۾ فوتي ڪوٽا تي ڀرتي بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي.
درخواستگذار جي وڪيل صولت رضوي ٻڌايو ته سندس اصيل جنوري 2024ع ۾ فوتي ڪوٽا جي بنياد تي درخواست ڏني هئي، پر کاتي جي غيرضروري دير سبب مقرري نه ٿي سگهي.
جسٽس فيصل ڪمال عالم رمارڪس ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ فوتي ڪوٽا کي غيرقانوني قرار ڏئي ختم ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻي صرف شهيد ڪوٽا سميت ٻه ڪيٽيگريون باقي آهن جن ۾ ڀرتي جي اجازت آهي.

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

عدالت وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن مقرري ليٽر جاري ٿي چڪو آهي ته تحفظ حاصل آهي، ٻي صورت ۾ نه.
درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته سپريم ڪورٽ جو حڪم ماضي جي ڪيسن تي لاڳو نٿو ٿئي ۽ منهنجي اصيل جو ڪيس به ان دائري ۾ نٿو اچي.
عدالت رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن اسان نوٽيس جاري ڪيو ته شايد توهان جو ٿيندڙ ڪم به نه ٿئي، تنهنڪري بهتر آهي ته پهرين کاتي سان رابطو ڪيو وڃي.
بعد ۾ عدالت درخواست جي ترت ٻڌڻي جي استدعا منظور ڪندي، درخواست ٻڌڻي جوڳي هئڻ بابت دليل طلب ڪندي ڌرين کي 19 آگسٽ تي طلبي جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.