نوشھرو فيروز / ڪنڊيارو(رپورٽ: ايم ظفر تگر/ محمد سومر گهانگهرو) ڪنڊياري ڀرسان ڳوٺ انور ڍوڍا جي رهواسي 16 ورهين جي ناري فائزا چنا جي مبينا قتل واقعي جي خبر سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ ۽ احتجاجکان ايس ايس پي نوٽيس ورتو، محبت ديرو ٿاڻي تي صرف ٻن جوابدارن خلاف ڪيس داخل ٿي ويو، جرڳو ڪندڙ بااثر کي لهر نه لوڏو، ڪالهه مقتولا جي والد الله واريو چنا جي فرياد تي محبت ديرو ٿاڻي تي جوابدار لال ڏنو ۽ سندس ڀاءُ عبدالجبار چنا خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، فريادي موقف اختيار ڪيو آهي ته چار مهينا اڳ جوابدار لال ڏنو منهنجي نياڻي سان زيادتي ڪئي هئي، اهڙي معاملي جو برادري جي نيڪ مردن ۽ وڏيري عزيز الله ڏهراج فيصلو ڪري جوابدار ڌر تي چار لک ڏنڊ هنيو ، فيصلي تي عملدرآمد نه ٿيڻ سبب فائزا فيصلو ڪندڙ وڏيري عزيز الله ڏهراج وٽ دانهن کڻي وئي ته فيصلي تي عمل نه ٿو ٿي ، الزام هيٺ لعل ڏنو مونسان شادي کان انڪار ٿو ڪري، جنهن بعد سام طور کيس وڏيري وٽ رهايو ويو ته فيصلي تي عمل ڪرايو وڃي پوءِ گهر ويندس، آخر ڪار الزام هيٺ جوابدارن جي ور چڙهي وئي ۽ مبينا نشو يا زهر ڏيڻ سبب فوت ٿي وئي، هوڏانهن افسوسناڪ واقعي بعد علائقي ۾ ڏک جي لهر ڇانيل آهي، سوشل ميڊيا تي الزام هيٺ آيل جوابدارن ۽ فيصلو ڪندڙ وڏيري ۽ پوليس مٿان تنقيد ڪئي پئي وڃي ته ڪجهه مهينا اڳ زنا جو جرڳو ڪيئن ٿيو؟ پوليس واقعي بابت اڻڄاڻ ڇو رهي؟ مظلوم نياڻي کي انصاف نه ملڻ سبب مايوس ٿي ساڳي وڏيري وٽ سام طور ڪيئن رهي، جڏهن سام ۾ رهي ته سندس حفاظت ڇو نه ٿي؟ پوليس جرڳو ڪندڙ بااثر کي گرفتار ڇو نه ڪيو، هوڏانهن ناري جو لاش ڪنڊيارو سول اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، فائزه جي پڦي زاھدان چنو ۽ والد الھورايو چنو ۽ ٻين دانھيندي چيو آهي ته اسان جي نياڻي فائزا گھر مان بيھوشي واري حالت ۾ ملي آھي، اسان جي نياڻي کي زهر ڏئي قتل ڪيو ويو آھي، سندس خون سان انصاف ڪيو وڃي.
-
ٽي رڪني جاچ ڪميٽي قائم، 2 شڪي جوابدار گرفتار
ڪنڊيارو: ايس ايس پي نوشهروفيروز روحل کوسو ناري فوت معاملي جو نوٽيس وٺندي ڊي ايس پي ڪنڊيارو عبدالمجيد آرائين، ڊي ايس پي محراب پور اظهار حسين لاهوري ۽ ايس ايڇ او ڪنڊيارو اسد نبي کچي تي ٻڌل ٽي رڪني جاچ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، ۽ ڪميٽي کي ٽن ڏينهن ۾ رپورٽ ڏيڻ جو پابند ڪيو آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته جاچ ڪميٽي جاچ جو آغاز ڪندي شڪ جي بنياد تي ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
-
سام جا الزام غلط آهن، فائزا منھنجي ٻچڙن سان گڏ رھندي ھئي: وڏيرو
ڪنڊيارو: محبت ديرو ۾ وڏيري عزيز الله خان ڏھراجٻڌايو ته فائزه جو پيءُ ۽ ڀاءُ مون وٽ ڪم ڪندا آھن جنھن سبب فائزا منھنجي گھر ۾ ٻچڙن سان گڏ رھندي ھئي، ڪالھه صبح جو سوير منھنجي گھران نڪري وئي، جنھن جو اطلاع مان سندس والد الھواريو کي ڏنو، سندس موت تي دلي صدمو پھتو آھي، مون مٿان ناري کي سام طور ترسائڻ وارا الزام غلط آهن، ڀلي معاملي جي جاچ ڪئي وڃي.
-
فائزا سان زيادتي واقعي جو ٿاڻي تي ڪوبه اطلاع نه هو!
نوشهروفيروز: ايس ايس پي روحل کوسو وڏيري جو بيان جاچ ۾ شامل ڪرڻ ۽ پوليس جي ڪردار جي به جاچ ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته وڏيري جي بيان جي فارينزڪ ڪرائيندي ويندي، کيس ڪنهن اختيار ڏنو ته هو زيادتي واقعي جو جرڳو ڪري، هن چيو ته ناري سان زيادتي واقعي جو ٿاڻي تي ڪوبه اطلاع نه هو، واقعي ۾ پوليس ۽ وڏيري جي ڪردار جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي آهي.