اڳوڻي چيف جسٽس جواد ايس خواجا وزيراعظم خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملٽري ڪورٽ طرفان 45 ڏينهن ۾ اپيل جو حق ڏيڻ جي معاملي ۾ قانون سازي نه ٿيڻ تي اڳوڻي چيف جسٽس جواد ايس خواجا وزيراعظم خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي.
اڳوڻي چيف جسٽس درخواست وڪيل خواجا احمد حسين جي معرفت سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ 7 مئي تي ملٽري ڪورٽ ڪيس جو فيصلو ٻڌايو، سپريم ڪورٽ 45 ڏينهن ۾ ملٽري ڪورٽ مان سزا يافتا جوابدارن کي اپيل جو حق ڏيڻ جو حڪم ڏنو.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته 45 ڏينهن گذرڻ باوجود حڪومت اپيل جو حق ڏيڻ جي قانون سازي نه ڪئي، عدالتي فيصلي تي عمل نه ڪرڻ تي وزيراعظم خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.