مداخلت نه ڪيان ها ته پاڪستان ۽ ڀارت ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي جنگ ٿئي ها: ٽرمپ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته جيڪڏهن مان نه هجان ها ته دنيا ۾ 6 جنگيون ٿين ها، جن مان سڀ کان وڏي جنگ پاڪستان ۽ ڀارت جي هجي ها.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته آمريڪا ٿائلينڊ ۽ ڪمبوڊيا سان تمام گهڻو واپار ڪندو آهي، وري مان پڙهي رهيو آهيان ته ٻئي ملڪ هڪٻئي کي ماري رهيا آهن، مان سوچيو ته انهن ملڪن ۾ جنگبندي ڪرائڻ مون لاءِ آسان هوندو، ڇو ته ان کان اڳ مان پاڪستان ۽ ڀارت جي تڪرار کي به واپاري دٻاءَ ذريعي حل ڪرائي چڪو آهيان.
هن چيو ته مان ٿائلينڊ ۽ ڪمبوڊيا جي وزيراعظمن کي فون ڪري چيو ته جيستائين توهان پاڻ ۾ نٿا ٺهو، تيستائين ڪو واپاري معاهدو نه ٿيندو، جڏهن مان فون بند ڪئي ته منهنجي خيال ۾ هو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.