ماحولياتي گدلاڻ جو ذڪر ٿيندي ئي گهڻي قدر ماڻهن جي ذهن ۾ پلاسٽڪ جون ٿيلهيون، فئڪٽريون يا گاڏين جو دونهون اچي ٿو، پر هاڻي سائنسدانن هڪ نئين ۽ خطرناڪ سبب جي نشاندهي ڪئي آهي.اهي آهن گاڏين جا ٽائر!
تحقيقن مان خبر پئي آهي ته پلاسٽڪ جي ٿيلهين جي ڀيٽ ۾ ٽائرن جو گسڻ ماحول لاءِ وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿي رهيو آهي. جڏهن گاڏين جا ٽائر روڊ تي لڳاتار گسندا آهن ته انهن مان هٿرادو (synthetic) مٽيريل نڪرندو آهي، جيڪو مائڪرو پلاسٽڪ جي صورت ۾ هوا ۽ پاڻيءَ ۾ شامل ٿي ويندو آهي.
سائنسدانن جو چوڻ آهي ته دنيا ۾ موجود مائڪرو پلاسٽڪ گدلاڻ جو لڳ ڀڳ 50 سيڪڙو حصو رڳو ٽائرن جي گسڻ جي ڪري پيدا ٿئي ٿو. اهي ننڍڙا ذرا نه رڳو پاڻيءَ ۽ مڇين تائين محدود رهن ٿا، پر انساني جسم تائين به پهچي وڃن ٿا، جتي اهي اندرين عضون کي سخت نقصان پهچائن ٿا.
تازو هڪ تحقيق ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ٽائرن کي جلد خراب ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ هڪ خاص ڪيميڪل استعمال ٿيندو آهي، جيڪو وڏي مقدار ۾ انساني جگر، ڦڦڙن ۽ گردن ۾ مليو آهي. اهو ڪيميڪل عضون کي تباهه ڪري سگهي ٿو، ۽ ڊگهي عرصي تائين سامهون خطرناڪ نتيجا ڏئي سگهي ٿو.
بدقسمتي سان ٽائر ٺاهيندڙ ڪمپنيون اڃا تائين ان ڪيميڪل جو ڪو محفوظ متبادل نه ڳولي سگهيون آهن، جنهن سبب ان جو استعمال جاري آهي.
ان سلسلي ۾ آمريڪا جي يونيورسٽي آف مسي سپي جا سائنسدان مائڪرو پلاسٽڪ ذرڙن کي گهٽ خرچ سان هوا ۽ پاڻي مان صاف ڪرڻ جا طريقا ڳولي رهيا آهن، جن مان ڪجهه قدرتي فلٽرنگ طريقا اميد افزا ثابت ٿيا آهن، پر انهن جو وڏي پيماني تي استعمال وقت وٺي سگهي ٿو.
ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن فوري قدم نه کنيا ويا ته ايندڙ سالن ۾ ٽائرن مان نڪرندڙ گدلاڻ ماحول، آبي حياتي، زراعت ۽ انساني صحت لاءِ وڏي آفت بڻجي سگهي ٿي.