جاڙيجا ۽ سُندر جي تاريخي اننگز: ”ڀارت بين اسٽوڪس جي نوآبادياتي سوچ کي ڌَڪِي ڪري وڌو“

مانچسٽر ٽيسٽ ته ڀارتي بيٽرن جي مزاحمت کانپوءِ بنا نتيجي ختم ٿي وئي، پر ميچ جي آخري ڏينهن، آخري سيشن جي آخري لمحن دوران جيڪي ڊرامائي موڙ آيا تنهن تي هڪ نئون بحث ڇڙي ويو آهي.
سوشل ميڊيا تي ڀارتي ٽيم جي هن ڪارڪردگي کي ڪنهن به فتح کان گهٽ نه پيو سمجهيو وڃي. ڪيترائي ماڻهو جاڙيجا ۽ واشنگٽن سُندر جي اننگز کي آسٽريليا خلاف کيڏيل لڪشمڻ ۽ ڊريوڊ جي اننگز کان به بهتر قرار ڏئي رهيا آهن.
واضح رهي ته آسٽريليا خلاف سال 2001ع ۾ ڪولڪتا جي تاريخي ايڊن گارڊنز جي ميدان ڀارت فالو آن جو شڪار ٿيڻ باوجود ميچ 171 رنسن سان کٽي ورتي هئي.
ان ميچ ۾ لڪشمڻ 281 رنسن جي يادگار اننگز کيڏي هئي، جنهن کي ڪرڪيٽ جي تاريخ جي آڱرين تي ڳڻڻ جيتري اننگزن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو، جڏهن ته ساڳي ئي ميچ ۾ ڊريوڊ پڻ 180 رنسون ٺاهيون هيون.
ڀارتي بيٽرن جي مزاحمت ۽ اولڊ ٽريفورڊ ٽيسٽ ڊرا ٿيڻ تي اسپورٽس صحافي معين الدين حميد تبصرو ڪندي چيو ته دنيا ۾ ڪيئي اهڙا رانديگر آهن، جيڪي ذاتي رڪارڊن بابت ناهن سوچيندا .
هن عمران خان جو مثال ڏيندي چيو ته جڏهن ڀارت خلاف حيدرآباد ٽيسٽ ۾ جاويد ميانداد 280 رنسون ٺاهي ڪريز تي موجود هو، پر عمران 581 رنسن تي اننگز ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جنهن تي مٿس ڇتي تنقيد ڪئي وئي هئي ۽ چيو ويو ته هن جاويد کي ٽرپل سينچري کان محروم ڪري ڇڏيو. پر پوءِ اِها ميچ پاڪستان هڪ اننگز ۽ 119 رنسن سان کٽي هئي ۽ عمران 35 رنسن عيوض ڇهه وڪيٽون ورتيون هيون.
اهڙي ريت راهول ڊريوڊ ملتان ۾ ان وقت اننگز ڊڪليئر ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو جڏهن ٽنڊولڪر 194 رنسن تي کيڏي رهيو هو ۽ ان وقت به تجزئي نگارن توڻي جو خيال هو ته ڊريوڊ کي ٽنڊولڪر سان ساڙ آهي.
ساڳيءَ ريت 1970-71ع ۾ ميلبورن ۾ بِل لاوري آسٽريليا جي اننگز ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو جڏهن روڊني مارش پنهنجي پهرين سينچري کان رڳو اٺ رنسون پري هو.

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

اهڙي طرح سڊني ٽيسٽ ۾ آرٿرٽن هڪس جي سست بيٽنگ مان تنگ اچي اننگز ڊڪليئر ڪئي جڏهن هڪس 98 رنسن تي هو، جنهن کانپوءِ هڪس سڄي سيريز دوران آرٿرٽن سان لفظ به نه ڳالهايو هو.
معين الدين وڌيڪ چيو ته ڀارت ۽ پاڪستان ۾ رڪارڊن کي گهڻي اهميت ڏني ويندي آهي، تنهنڪري جاڙيجا جو انڪار سمجهي سگهجي ٿو، پر هن انگلينڊ جي پَچن تي تنقيد ڪئي، جتي بالرن لاءِ ڪجهه ناهي ۽ ٻنهي ٽيمن طرفان سينچريون ٺهي رهيون آهن.
هن چيو ته اولڊ ٽريفورڊ ٽيسٽ ۾ جتي پنج سينچريون ٺهيون، اتي چار سينچريون رهجي ويون، هاڻي سوچيو ته ڪهڙيون پچون تيار ڪيون ويون آهن.
هن طنزيه انداز ۾ چيو ته ” ڪٿي اهڙيون پچون روٽ لاءِ ته تيار ناهن ڪيون ويون ته جيئن هو ٽنڊولڪر جو سڀ کان وڌيڪ رنسن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏي..“
اسٽوڪس جي ڊرا واري آڇ بابت هن چيو ته ” اِهو پَڪ سان نٿو چئي سگهجي ته ان ۾ هن جي ڪا شرارت نه هئي، پر انگلش ڪرڪيٽر جيترا سادڙا ايندا آهن، حقيقت ۾ اوترا هوندا ناهن. “
ٻئي پاسي سوشل ميڊيا واهپيدارن ڪندڙن طرفان جتي ڀارت جي مزاحمت ۽ جاڙيجا ۽ سُندر جي واکاڻ ٿي رهي آهي، اتي بين اسٽوڪس تي جاڙيجا ۽ سُندر جي سينچري کان اڳ ڊرا جي آڇ تي تنقيد به ڪئي پئي وڃي.
للت ڪور ڍلّون نالي هڪ واهپيدار لکيو ته ” هر ڀيري جڏهن مان بين اسٽوڪس کي سندس ناقابلِ يقين آل رائونڊ صلاحيتن تي ڀيٽا پيش ڪرڻ چاهيندي آهيان ته هو يا سندس ٽيم اهڙي حرڪت ڪري ويهندي آهي، جيڪو مون کي ياد ڏياري ٿو ته مان ڇو هر دفعي ائين ڪرڻ کان پٺتي هٽي ويندي آهيان. ليڊرن کي معيار قائم ڪرڻ لاءِ ڄاتو ويندو آهي.“
سنديپ ڪوڪريتي نالي هڪ واهپيدارن ايڪس تي لکيو ” بين اسٽوڪس ڀارتي بيٽرن کي سينچري کان روڪڻ لاءِ ڊرا جي آڇ ڪئي، پوءِ انڪار تي پارٽ ٽائمر بالر لڳائي ڇڏيا. جيڪڏهن ڀارت ائين ڪري ها ته ان عمل کي ڪرڪيٽ جي روح جي خلاف قرار ڏنو وڃي ها، پر جڏهن انگلينڊ ڪري ٿو ته ان کي ’ٽيڪٽيڪل جينيس‘ چيو وڃي ٿو، هو اڃا به نو آبادياتي واري سوچ ۾ ڦاٿل آهي، جڏهن ته هڪ مضبوط ڀارت سندن نسل پرست ۽ نرگسيت پسند غرور کي ڌَڪي ڪري رهيو آهي.“
بهرحال 31 جولاءِ تي اوول ۾ شيڊيول سيريز پنجين ۽ آخري ٽيسٽ ۾ ڀارتي ٽيم مڪمل جوش سان فتح لاءِ ميدان تي لهندي ۽ سيريز ڊرا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي، جيڪا انهن لاءِ ڪنهن وڏي فتح کان گهٽ نه هوندي، جڏهن ته انگلينڊ ڊرا تي به خوش هوندو ڇو ته ان کي سيريز ۾ اڳواٽ ئي سرسي حاصل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.