”پهلگام حملي ۾ پاڪستان جي ملوث هجڻ جا ثبوت ناهن مليا“ اڳوڻي ڀارتي گهرو وزير مودي سرڪار جا بکيا اڊيڙي ڇڏيا

ڀارت (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڀارتي گهرو وزيرپِي چدمبرم انڪشاف ڪيو آهي ته ڪشمير جي علائقي پهلگام ۾ ٿيل دهشتگرد حملي ۾ ڀارت جا شهري ملوث هئا، جيڪي ڀارت مان دهشتگردي جي تربيت وٺي چڪا هئا
هڪ بيان ۾ اڳوڻي ڀارتي گهرو وزير چيو ته جاچ دوران پاڪستان جي مداخلت جو ڪو به ثبوت ناهي مليو ۽ اهو حملو مڪمل طور تي اندروني سطح تي رٿيل هو.

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

چدمبرم چيو ته ڀارت کي پنهنجي داخلي سلامتي بابت جوڳا قدم کڻڻ گهرجن، ڇو ته دهشتگردي جي واڌ ڀارت جي اندر ئي ٿي رهي آهي.
ڀارت جي اڳوڻي گهرو وزير جي انڪشافن کانپوءِ نوان سوال اڀري آيا آهن ته نيٺ ڀارتي سيڪيورٽي ادارا ملڪ اندر دهشتگردي جي روڪٿام ۾ ناڪام ڇو رهيا آهن؟
ان بيان سان پاڪستان جو اهو موقف پڻ وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي، جنهن ۾ هميشه چيو ويو آهي ته دهشتگردي سان ان جو ڪو واسطو ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.