” پاڪستاني شرٽ پائڻ به ڏوهه“ ڀارت-انگلينڊ ٽيسٽ ميچ دوران شهري کي اسٽيڊيم مان ڪڍيو ويو، وڊيو وائرل

مانچسٽر (ويب ڊيسڪ)مانچسٽر جي اولڊ ٽريفورڊ ۾ ڀارت-انگلينڊ ٽيسٽ ميچ دوران پاڪستاني ٽيم جي شرٽ پاتل هڪ شخص کي ميدان مان ٻاهر ڪڍيو ويو آهي.
پاڪستاني پرستار فاروق نذر جيڪو ڀارت-انگلينڊ ٽيسٽ ميچ ڏسڻ لاءِ آيو هو کيس سيڪيورٽي اهلڪارن طرفان گرائونڊ مان ٻاهر ڪڍيو ويو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.
ان ڏس ۾ متاثر شهري فاروق نذر ٻڌايو ته سيڪيورٽي گارڊن کيس چيو ته يا پنهنجي شرٽ تبديل ڪريو يا گرائونڊ مان نڪري وڃو!
سندس چوڻ هو ته هن ان واقعي جي شڪايت انگلش ڪرڪيٽ بورڊ ۽ مقامي انتظاميا کي ڪئي آهي.

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

واضح رهي ته اِهو واقعو انگلينڊ ۽ ڀارت جي وچ ۾ کيڏيل چوٿين ٽيسٽ ميچ دوران پيش آيو.
فاروق نذر چيو ته ” مان ميچ ڏسي رهيو هوس ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن مون کي منهنجي پاڪستاني شرٽ ڍڪڻ لاءِ چيو“
ياد رهي ته انگلينڊ ۽ ڀارت جي وچ ۾ اينڊرسن-ٽنڊولڪر ٽرافي جي چوٿين ميچ ڀارتي بيٽرن جي مزاحمت کانپوءِ بنا نتيجي ختم ٿي وئي هئي، جڏهن ته انگلينڊ 5 ميچن جي سيريز ۾ 1-2 جي سرسي حاصل آهي، سيريز جي پنجين ۽ آخري ميچ 31 جولاءِ کان اوول ۾ شروع ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.