بئنڪاڪ (ويب ڊيسڪ) ٿائيلينڊ جي گادي واري هنڌ بئنڪاڪ ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ پنج ماڻهو مارجي ويا،
پرڏيهي خابرو اداري موجب،بئنڪاڪ جي هڪ مارڪيٽ ۾ هٿياربند شخص فائرنگ ڪري پنج ماڻهن کي قتل ڪرڻ بعد پاڻ کي به گولي هڻي ڇڏي.
رپورٽ موجب، مارجي ويلن ۾ مارڪيٽ جو هڪ سيڪيورٽي گارڊ، چار کاڌي پيتي جون شيون وڪرو ڪندڙ ۽ هڪ عورت شامل آهن.
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
ٿائي اختيارين جو چوڻ آهي ته هٿياربند شخص فائرنگ ڪري پنجن ماڻهن کي ماري پوءِ پاڻ کي به گولي هڻي ماري ڇڏي.
اختيارين موجب، واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ اهو تعين ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته جوابدار فائرنگ ڇو ڪئي.