ڀارت جون گدڙ ڀڀڪيون، ” آپريشن سندور “ نالي مئل گهوڙي کي وري جيارڻ جي ڪوشش

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي بچاءُ واري وزير راجناٿ سنگهه چيو آهي ته ”آپريشن سندور“ روڪيو ويو آهي، ختم ناهي ٿيو، پاڪستان ٻيهر ڪجهه ڪيو ته ان کان به وڌيڪ سخت ڪارروائي ڪنداسين.
ڀارتي دفاع واري وزير راجناٿ سنگهه سومر ڏينهن لوڪ سڀا ۾ پهلگام حملي ۽ ”آپريشن سندور“ بابت بحث دوران تقرير ڪندي چيو پاڪستان سان ڪو به تڪرار ناهي، هي تهذيب ۽ بربريت جو ٽڪراءُ آهي، جيڪڏهن ڪو اسان جي خودمختياري کي نقصان پهچائيندو ته کيس منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو.
راجناٿ سنگهه چيو ته اسان جي فطرت ٻڌ جي آهي، جنگ جي نه، اسان اڄ به چئون ٿا ته هڪ خوشحال پاڪستان اسان جي مفاد ۾ آهي.
سندس چوڻ هو ته ”نريندر مودي حڪومت جو موقف واضح آهي ته ڳالهين ۽ دهشتگردي گڏ نٿا هلي سگهن.“
هن چيو ته ”وزيراعظم مودي به چيو آهي ته آپريشن سندور روڪيو ويو آهي، پر ختم ناهي ٿيو، جيڪڏهن پاڪستان ٻيهر ڪجهه ڪندو ته ان کان به وڌيڪ سخت ڪارروائي ڪنداسين.“

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

راجناٿ سنگهه چيو ته پاڪستان جي ذهن ۾ هڪ غلط فهمي هئي، اسان ان کي آپريشن سندور ذريعي ختم ڪيو، جيڪڏهن ڪجهه بچيو آهي ته ان کي به ختم ڪنداسين.
ڀارتي بچاءُ واري وزير موجب، اسان جي سرڪار پاڪستان سان امن قائم ڪرڻ لاءِ گهڻيون ڪوششون ڪيون، پر پوءِ 2016 واري سرجيڪل اسٽرائيڪ، 2019 جي بالاڪوت ايئر اسٽريڪ ۽ 2025 ۾ آپريشن سندور ذريعي اسان امن قائم ڪرڻ لاءِ هڪ ٻيو رستو اختيار ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.