ڪراچي کي ڌار ڪرڻ وارو ايم ڪيو ايم جو وکر هاڻي نه وڪامجندو:پ پ

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)پ پ اڳواڻ شازيا مري چيو آهي ته اسان جا ايم ڪيو ايم جا ساٿي جن سان اسان جي ڪا دشمني ناهي ڪڏهن نه ڪڏهن بيان ڏيندا آهن جن ۾ لساني ورهاڱي ۽ سياسي مخالفت کي هٿي ڏني ويندي آهي،هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته ماضي ۾ ايم ڪيو ايم جي اها سياست رهي آهي ته توهان ماڻهن کي ورهايو،نفرتون پکيڙيو،لساني بنيادن تي ماڻهن ۾ نفرت جي اڀار کي مضبوط ڪرڻ سندن طرز عمل رهيو آهي،هن چيو ته ايم ڪيو ايم پنهنجي ماضي جي سوچ ۽ ايجنڊا کي وقت سر اڳتي وڌائيندي آهي پر ان ۾ ڪجهه ناهي رهيو،ايم ڪيو ايم جي سياست ان طرح جي بيان بازين تائين محدود ٿي وئي آهي،پر هاڻي وقت بدلجي ويو آهي،ڪراچي ۾ ماضي ۾ ٻورين مان لاش ملندا هئا،ڀتي جون ڪهاڻيون عام هيون،فاروق ستار جي پريس ڪانفرنس تي سنڌ حڪومت پاران جواب ڏنو ويو آهي،اهي بار بار لساني بنيادن تي مضبوط ڪندا آهن پهرين انهن پڙهيل لکيل طبقي کي بندوقون هٿ ۾ ڏئي امن امان تباهه ڪيو هو،انهن جو پراڻو ليڊر چوندو هو ته فرج ۽ ٽي وي وڪڻي ڇڏيو،هٿيار خريد ڪيو،مارڌاڙ ڪريو،قتل عام ڪريو،هن چيو ته ڪراچي ۾ رڳو اهي ماڻهو ته نٿا رهن جيڪي ڪراچي ۾ پيدا ٿيا هئا،هتي پاڪستان جي مختلف علائقن مان آيل ماڻهو روزگار ڪري رهيا آهن،امن امان جي حوالي سان يقينن اسان کي هڪ چئلينج هوندو آهي،سنڌ حڪومت ڪڏهن به ان حقيقت کان پري ناهي فرار ٿي،ڪراچي کي ڌار ڪرڻ وارو چورن هاڻي نه وڪامجندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.