ڪراچي (رپورٽر) صوبائي وزيرِ توانائي سيد ناصر حسين شاهه، متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار طرفان ڪراچي ۾ وڌندڙ اسٽريٽ ڪرائيم تي سنڌ حڪومت خلاف ڪيل تنقيد تي سخت ردعمل ڏيندي چيو آهي ته فاروق ستار جو بيان هڪ وکريل سوچ ۽ ناڪام سياسي وجود جي آخري چيخ آهي.ناصر حسين شاهه چيو ته عوامي ترديد جو شڪار فاروق ستار سستي شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوڙ جو سهارو وٺي رهيو آهي،هن کي سنڌ حڪومت تي آڱر کڻڻ کان اڳ آئيني ۾ ڏسڻ گهرجي،هن وڌيڪ چيو ته، صوبائي حڪومت جي عوامي خدمت فاروق ستار جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن. جيڪي ماڻهو ماضي ۾ ڀتاخوري، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ڪراچي جي امن جي تباهي جا ذميوار آهن، انهن جي وات مان ‘خدمت’ جو لفظ نڪري ته اهو مذاق لڳي ٿو،ناصر حسين شاهه وڌيڪ چيو ته، "عوام اهڙن ماڻهن کي اڳ ئي تاريخ جي ڪوڙيدان حوالي ڪري چڪو آهي،، فاروق ستار اهڙو ڪردار آهي جيڪو صرف اقتدار جي هنج ۾ کيڏڻ ڄاڻي ٿو. اصول ۽ خدمت فاروق ستار جي لغت ۾ ئي ناهي،هوڏانهن سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت واري صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ پاران ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو ته فاروق ستار ھر ھفتي تعصب پکيڙڻ لاءِ ظاھر ٿيندو آھي، ايم ڪيو ايم وارا نفرت واري سياست کي ترجيح ڏيندا آھن، فاروق ستار نيب جو ترجمان ٿيڻ بدران پنھنجي سياست جو فڪر ڪري عوام متحده کي رڳو ھلڪي نه پر فارغ پارٽي سمجھي ٿو، ڪراچي سنڌ جي دل ۽ سنڌين جي سر جو تاج آھي، نئين صوبي جون ڳالھيون ڪرڻ وارا نفرت پکيڙي رھيا آھن، ڪراچي ۾ رھندڙ اردو ڳالھائيندڙ سنڌ جي ثقافت ۽ تھذيب تي فخر ڪن ٿا، ھن چيو ته پيپلزپارٽي حڪومت ڪراچي مان ٽارگيٽ ڪلنگ، ٻوري بند لاش ۽ ڀتي جو سسٽم ختم ڪرايو آھي، سنڌ حڪومت ڪراچي جي تعمير ترقي ۽ خدمت جاري رکندي.