سنڌ جي مک مسئلن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ لسانيت پکيڙي پئي وڃي:زين شاهه

سڪرنڊ (رپورٽ :راج ڪماراوڏ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ضلعي ڪنوينشن جي موقعي تي ايس يو پي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ ميٽ دي پريس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري جي وزير اعظم ٿيڻ سان ملڪ ۾ بهتري بدران ڪرپشن ۾ اضافو ٿيندو. جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو اعتماد ڪيو آهي، جيڪڏهن ملڪي سطح تي سياسي پارٽي ٺاهيندو ته يقينن ساڻس گڏجي ڪم ڪنداسين. سنڌ اندر گاڏين جون ڪهڙيون به نمبر پليٽون هجن ان سان فرق نه ٿو پوي اصلي سنڌ جي مک مسئلن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ لسانيت پکيڙي پئي وڃي،هن چيو ته  حڪومت موالين وارا ڪم ڪري گهر جا ٽپڙ کپائي ملڪ هلائي رهي آهي. ملڪ ايئن نه هلندا آهن. گرين پاڪستان تحت مخصوص ادارن کي فائدو ٿي رهيو آهي. حڪمرانن اڳ ئي سنڌو درياءَ جو سودو ڪيو هاڻ سنڌ جي معدني وسيلن جي پويان پيا آهن.ملڪ جي فارين پاليسي ڪمزور آهي چائنا سان تعلق بهتر آهن ٻين پاڙيسري ملڪن افغانستان ۽ هندوستان سان به تعلقات بهتر ٿيڻ گهرجن. جنگي معاهدن کي ڇڏي امن جا معاهدا ڪيا وڃن ان موقعي تي ايس يو پي جو سينيئر نائب صدر روشن ٻرڙو ، مرڪزي جنرل سيڪريٽري جگديش آهوجا ، رمضان ٻرڙو ، اصغر قريشي ، فتح خاصخيلي ، زين ڀٽو ، ايوب کوسو ، علي سومرو ، ايس يو پي ڪائونسلر سيد غلام مصطفيٰ شاه ۽ ٻيا ڪنوينشن ۾ موجود هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.