راولپنڊي(م ڊ) راولپنڊي جي فوجي ڪالوني ۾ جرڳي جي فيصلي تي عورت جي قتل جي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي. مقتولڻ جو ظاهر ٿيل ٻيو مڙس عثمان، پيروڌائي پوليس جي سامهون پيش ٿي ويو آهي، جڏهن ته سندس والد جو به اهم بيان سامهون آيو آهي. ان سان گڏ اهو انڪشاف به ٿيو آهي ته عصمت الله نالي شخص عورت جي قتل جو فيصلو ڏنو، ان ئي مقتولا جي جنازي نماز پڙهائي. مقتولڻ سدره جو ٻيو نڪاح 14 جولاءِ تي مظفرآباد ۾ عثمان سان ٿيو هو. عثمان جي والد محمد الياس جو ويڊيو بيان سامهون آيو آهي، جنهن موجب سندس پٽ عثمان پيروڌائي ۾ ميڪينڪ جي حيثيت سان ڪم ڪندو آهي. سندس پٽ عورت سدره کي گهر وٺي آيو، جنهن کانپوءِ ٻنهي جو نڪاح ڪرايو ويو. الياس موجب سدره ٻڌايو ته هوءَ قرآن جي حافظه آهي، سندس والد فوت ٿي چڪو آهي ۽ ماءُ ٻي شادي ڪري ورتي آهي. سدره ٻڌايو ته چاچو کيس هڪ وڏي عمر واري مرد سان زبردستي شادي ڪرائڻ چاهيندو هو. هن خاندان طرفان ڌمڪين بابت به آگاهي ڏني هئي.نڪاح جي ٽن ڏينهن بعد، 8 کان 10 هٿياربند ماڻهو مظفرآباد ۾ اسان جي گهر آيا ۽ ڌمڪيون ڏنيون. هو زبردستي سدره کي پنڊي وٺي ويا ۽ بعد ۾ کيس قتل ڪيو ويو.واضح رهي ته سدره جو ٻئي نڪاح جو نڪاح نامو به سامهون آيو آهي، جنهن مطابق سندس نڪاح عثمان سان 12 جولاءِ تي ٿيو هو، ۽ نڪاح نامي ۾ کيس ڪنواري لکيو ويو آهي. پيروڌائي پوليس مقتولا جي مڙس ۽ سهري جا بيان به رڪارڊ جو حصو بڻائي ڇڏيا آهن ۽ مجسٽريٽ جي موجودگيءَ ۾ قبر ڪُشائي ڪئي ويندي. ٻئي طرف، سدره جي قتل جو فيصلو ٻڌائيندڙ مرڪزي جوابدار عصمت الله بابت انڪشاف ٿيو آهي ته هن ئي سدره جي جنازي نماز به پڙهائي. ساڳي وقت، ڪجهه مهينا اڳ بازار ۾ سندس سرعام فائرنگ جي وڊيو پڻ سامهون آئي آهي.