سکر(رپورٽ سيد نعيم شاھ+آزاد مهر)سکر جي سائيٽ ايريا ٿاڻي جي حد قريشي ڳوٺ جي شر چوڪ وٽ قائم سيلون تي معمولي ڳالھ تان جهيڙي ٿي پيو ۽ جهيڙو فائرنگ ۾ جوابدارن سيلون تي حملو ڪري ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان قتل 5 ڄڻا سخت زخمي جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر جي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته وارثن جو شڪارپور ڦاٽڪ بند ڪري ڪمشنر سکر جي آفيس اڳيان احتجاجي ڌرڻو قاتلن جي گرفتاري لاءِ نعريبازي ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سکر جي سائيٽ ايريا ٿاڻي جي حد شر چوڪ وٽ سيلون تي هٿياربندن حملو ڪري ڏنو ۽ فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ سيلون تي ڪم ڪندڙ نوجوان غلام اڪبر عرف علي رضا منگي موقعي ئي قتل ٿي ويو، جڏهن ته رضوان منگي، سميت 5 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته مقتول جو لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي. هوڏانهن مقتول ۽ زخمي جي وارثن پاران مقتول نوجوان جو لاش شڪارپور ڦاٽڪ بند ڪري ڪمشنر سکر جي آفيس اڳيان احتجاجي ڌرڻو هنيو ان موقعي تي مقتول جي وارثن چيو ته اسان جي نوجوان کي قتل ڪندڙ هٿياربند وڳڻ برادري سان تعلق رکن ٿا ۽ زخمين پاران رياض وڳڻ، مستو وڳڻ، اسد وڳڻ ۽ غلام رباني جعفري کي مک جوابدار قرار ڏنو ويو آهي پر پوليس انهن خلاف ڪابه ڪاروائي نه ٿي ڪري هوڏانهن ڌرڻي واري هنڌ حد جو ايس ايڇ اي علاوالدين ڦلپوٽو پهچي نوجوان جي وارثن سان ڳالھيون ڪري کين يقين ڏياريو ته جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو