پورهيتن جي حقن تي راتاهي خلاف ڪراچي ۾ ريلي،ڌرڻو

ڪراچي(رپورٽ: آزاد لال حسين) نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن پاڪستان پاران يونين سازي جي عمل کي روڪڻ ۽ يونين جي نمائندن کي مبينا طور قتل جو ڌمڪيون ڏيڻ سميت ٻين مڙني مسئلن خلاف سوين ماڻھن ريگل چوڪ کان پريس ڪلب ڪراچي تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو، احتجاجي ريلي جي اڳواڻي رياض عباسي ڪئي، ريلي ۾ مختلف صنعتي علائقن جي مزدورن سميت پاڪستان ورڪر يونائيٽيڊ فيڊريشن جي مرڪزي اڳواڻ مختيار حسين اعواڻ، راؤ نسيم، سائره فيروز، عاقب حسين سميت سياسي، سماجي ۽ انساني حقن جي تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي، ريلي ۾ شريڪ ماڻھن کي خطاب ڪندي اين ٽي يو ايف اڳواڻ ناصر منصور چيو ته يونين جي آئيني ۽ جمهوري عمل کي دهشتگردي جي طور تي تعبير ڪيو پيو وڃي. گهٽ ۾ گهٽ اجرت جي ادائيگي، سماجي تحفظ ۽ پينشن سهولتن جي فراهمي، ڪم جي ڪلاڪن جي پابندي، ۽ مزدورن لاءِ تحريري تقرري خط جهڙا بنيادي مطالبا سنگين ڏوهه سمجهيا پيا وڃن، گھڻا صنعتي ادارا، خاص طور تي ٽيڪسٽائل ۽ گارمينٽ يونٽ جيڪي مشهور بين الاقوامي فيشن برانڊن لاءِ شيون تيار ڪن ٿا، جيل جي ڪوٺڙين جو منظر پيش ڪن ٿا. ان جي تازي مثال ڪراچي ۾ واقع هڪ ڪارخانو ايم آءِ انڊسٽريز آهي، جتي مزدورن کي يونين ٺاهڻ جي ڪري نوڪرين مان ڪڍيو ويو آهي ۽ هڪ عورت مزدور اڳواڻ کي به تنگ ۽ تشدد ڪيو ويو آهي. مقامي غنڊا يونين اڳواڻن کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. ھيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان سنڌ چيپٽر جي وائيس چيئرمين قاضي خضر چيو ته مزدورن جا حق بنيادي طور تي انساني حقن جو هڪ اهم حصو آهن، ۽ انهن جي خلاف ورزي ملڪ جي آئين ۽ قانونن ۽ هڪ بين الاقوامي مزدور ڪنوينشن جي واضح خلاف ورزي آهي. ايڇ آر سي پي هر فورم تي مزدورن خلاف ٿيندڙ سڀني زيادتين خلاف آواز بلند ڪري رهيو آهي ۽ مستقبل ۾ به اهو ڪندو رهندو. حبيب الدين جنيدي چيو ته مزدورن جي حقن تي ڪنهن به صورت ۾ سمجهوتو نه ڪيو ويندو، گهٽ ۾ گهٽ اجرت حاصل ڪرڻ هر مزدور جو حق آهي. زھره خان چيو ته جيڪڏهن پاڪستان صنعتي ترقي چاهي ٿو ته سرمائيدارن کي پنهنجي مزدور مخالف روش کي تبديل ڪرڻ گهرجي. بين الاقوامي برانڊن ۽ انهن جي مقامي سپلائرز لاءِ ضروري آهي ته اهي ملڪي ۽ بين الاقوامي مزدور معيارن جي تعميل کي يقيني بڻائين. هن وقت، يورپي يونين، خاص طور تي جرمن ڊيو ڊيليجنس لا، پاڪستان اڪارڊ، ۽ جي ايس پي پلس بين الاقوامي قانون ۽ معاهدا آهن جن تي حڪومت ۽ صنعتڪارن کي عمل ڪرڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ پاڪستان جي بحران ۾ مبتلا معيشت کي سخت نتيجا ڀوڳڻا پئجي سگهن ٿا. رياض عباسي چيو ته سنڌ ليبر ڪوڊ جي نالي تي ٺيڪيداري جهڙين غيرقانوني ڪمن کي قانوني بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ليبر کاتو مزدور مخالف قدمن جو مرڪز بڻجي چڪو آهي. سنڌ ورڪرز ويلفيئر بورڊ ۾ اربين رپين جي ڪرپشن ٿي رهي آهي. انھي موقعي تي ڌرڻي کي مختيار اعواڻ، رفيق بلوچ، محمد عثمان، سعید بلوچ، ڊاڪٽر اصغر دشتي، سائره فيروز کھڙو، عاقب حسین، اقبال ابڙو، ھمت علي، اقصيٰ ڪنول، بلاول خان انيسه، پروين بانو ۽ ٻين خطاب ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.