اسحاق ڊار جي پٽ علي ڊار جا 100 ملين ڊالر ڪرپٽو ڪرنسي ۾ ٻڏي ويا؟

اسلام آباد(اسد الله خان+مبشر لقمان)ڪرپٽو ڪرنسي ۾ ڪهڙي اهم وزير جي پٽ جا 100 ملين ڊالر(27 ارب پاڪستاني رپيا)ٻڏي ويا؟ان حوالي سان سوشل ميڊيا تي مختلف تبصرا ۽ نالا گردش هيٺ آهن،چيو وڃي ٿو سما ٽي وي جي اينڪر نديم ملڪ اها خبر بريڪ ڪئي آهي،هن دعويٰ ڪئي آهي ته هڪ ناليواري سياسي شخصيت جي پٽ جا 100 ملين ڊالر ڪرپٽو مارڪيٽ ۾ ٻڏي ويا آهن،صحافي علي ڊار کان سوشل ميڊيا تي سوال ڪيو ته جيڪڏهن توهان جا پئسا نه ٻڏا آهن ته پوءِ ترديد ئي ڪري ڇڏيو،پر هن وقت تائين علي ڊار ان افواهه جي ترديد ناهي ڪئي،سوشل ميڊيا تي ماڻهو سوال ڪري رهيا آهن ته ڇا اسحاق ڊار جي پٽ علي ڊار جا 100 ملين ڊالر ڪرپٽو ڪرنسي ۾ ٻڏي ويا آهن؟ٻئي پاسي خبرون هليون ته جيو نيوز،دنيا،سما نيوز چئنل سميت 5 وڏن چئنلن مان هڪ وڏو نيوز چئنل وڪامجي رهيون آهي، اهي خبرون غلط آهن جڏهن ته بول،نيوز ون،پبلڪ ٽي وي وڪرو ٿيڻ لاءِ تيار آهن پر ڪير به وٺڻ لاءِ تيار ناهي.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز سومر 28 جولاءِ 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.