نيويارڪ(م ڊ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته، ”ڪو به غلط فهمي ۾ نه رهي، عافيه صديقي پاڪستان جي ڌيءَ آهي، آمريڪا جي دوري دوران نيويارڪ ۾ پاڪستاني ڪميونٽي سان خطاب ڪندي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته ته ٻاهر ملڪ ۾ رهندڙپاڪستاني ملڪ جو اثاثو آهن، حڪومت جي ڪوششن سان معيشت ۾ نمايان بهتري آئي آهي، اسان ملڪ کي ڏيوالو ٿيڻ کان بچايو، حڪومت ٽن سالن جي مختصر مدي ۾ معاشي اشارن ۾ سڌارو آندو، جي ڊي پي واڌ ويجھ ۾ به نمايان واڌ آئي آهي. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته سڀ عالمي مالياتي ادارا پاڪستان جي معاشي بهتري جي تعريف ڪن ٿا. مٽا سٽا جا ذخيرا لڳاتار وڌي رهيا آهن، ملڪ ۾ معاشي استحڪام اچي چڪو آهي، اسان جو حدف پاڪستان کي جي-20 ملڪن ۾ شامل ڪرڻ آهي. اسحاق ڊار دعويٰ ڪئي ته معاشي بحرانن جي وقت ۾ هميشه کيس ياد ڪيو ويندو آهي، ۽ چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ حڪومت وڌيڪ 6 مهينا رهي ها ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري وڃي ها، پر الله تعاليٰ مسلم ليگ ن کي موقعو ڏنو ۽ حڪومت ديفالٽ جي خيال کي ئي دفن ڪري ڇڏيو، هن چيو ته عدم اعتماد جي تحريڪ مشڪل فيصلو هو، جيڪو ملڪ جي خاطر ورتو ويو.