ترنول ۾ 25 مڻ گڏهن جو گوشت هٿ،2 ڄڻا گرفتار

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) ترنول ۾ فوڊ اٿارٽي جو ڇاپو،25 مڻ گڏهن جو گوشت هٿ،2 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو، ڇاپي دوران 45 گڏهه به هٿ ڪيا ويا،سنگجاني ٿاڻي جي حدن مان گڏهه جو گوشت ملڻ واري معاملي ۾ وڌيڪ اڳڀرائي ٿي آهي،ذريعن موجب ترنول ۾ گڏهن جي ذبح لاءِ غير ملڪي ماڻهن هڪ مقامي شخص سان گڏجي سلاٽر هائوس ٺاهي رکيو هو، جتي گوشت ڪولڊ اسٽوريج ۾ رکيو ويندو هو ۽ ان جو حصو غير ملڪن ڏانهن موڪليو ويندو هو، جڏهن ته گوشت ۽ کلون ٻاهرين ملڪن ڏانهن به موڪليون وينديون هيون، اطلاعن مطابق، گڏهن کي ذبح ڪرڻ لاءِ قصائي به ٻاهرين ملڪ کان آندا ويا، 2 غير ملڪي ماڻهو گرفتار ڪيا ويا آهن، سلاٽر هائوس مان 14 گدهن جا باقيات ۽ 45 زنده گدها هٿ آيا، ذرائع جو چوڻ آهي ته گڏ جو گوشت مقامي مارڪيٽن ۾ فراهم ٿيڻ جا ڪو به شاهدي ناهن مليا، گذريل ڏينهن، اسلام آباد فوڊ اٿارٽي ترنول ۾ ڇاپو هڻي 50 کان وڌيڪ گڏ ۽ 25 مڻ گوشت هٿ ڪيو هو ۽ هاڻي غير ملڪي شهري خلاف ڪيس داخل، وڌيڪ جاچ جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.