سماج  ۾ انساني حقن جي لتاڙ سنگين صورتحال اختيار ڪري وئي

ملڪ ۾ انساني حقن جي صورتحال سنگين ٿي رھي آھي.عوام کي تعليم، صحت ۽ ٻين بنيادي سھولتن کان محروم ڪرڻ بعد حڪمران ۽ اختياريون سياسي آزادي ڇنڻ بعد ھاڻي انساني حقن جي لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيم جو بھ رستو روڪي رھي آھي.جيڪڏھن ڪنھن سڌريل سماج جي ڳالھھ ڪجي تھ ان ۾ ھر انسان آزاد جنم وٺي ٿو ۽ کيس آزاد رھڻ جو حق حاصل ھوندو آھي.دنيا ۾ فرد کي پنھنجي طور تي جيئري رھڻ، ڪھڙي بھ سياسي سو توڻي فڪر سان ڳنڍجڻ جو  حق حاصل آھي، پر پاڪستان ۾ قانون جوڙيندڙ، قانون لاڳو ڪندڙ ۽ قانون جي تشريح ڪندڙ ادارن کي اھڙو سوڙھو ڪيو ويو آھي جو ھڪ گھٽ ٻوسٽ وارو ماحول پيدا ٿي پيو آھي.

 انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيم هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان  چيو آهي ته ڪجهه مهينن دوران ايڇ آر سي پي کي غيرقانوني ۽ غير آئيني قدمن کي منهن ڏيڻو پئجي رھيو  آهي، جنهن سبب تنظيم جي پنهنجي منشور مطابق ڪم ڪرڻ جي صلاحيت متاثر ٿي آهي، تنظيم جي سيڪريٽري جنرل حارث خليق ھڪ پرڏيھي  نشرياتي اداري سان ڳالهائيندي  اھڙو اظھار ڪيو . ھن چيو ته اسان غيرمعمولي دٻاءُ هيٺ آهيون. حڪومت اسان کي تقريبون  ۽ پروگرام ڪرڻ کان روڪي رهي آهي ۽ اسان جي ڪم ۾ رڪاوٽون وڌي رهيون آهن.ايڇ آر سي پي جي لاهور آفيس کي بند ڪيو ويو آهي، اسان تي واپاري سرگرمين جو الزام لڳائي اسان جا بئنڪ اڪائونٽ منجمند ڪيا ويا آهن، بجلي جا ميٽر بند ڪري، غيرضروري بِل موڪليا ويا آهن،تنظيم جي مطابق ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ٿيندڙ  پروگرامن  کي روڪيو ويو آهي، نھ رڳو ايترو پر تنظيم جي عملي کي ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن ته ’حساس‘  سمجهيل موضوعن تي ڳالهائڻ کان پاسو ڪيو وڃي.

سندس چوڻ ھو تھ گهرو وزارت سان لاڳاپيل ماڻهو اسان جي عورت عملي کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، ٻئي پاسي گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير طلال چوڌري ايڇ آر سي پي. جي الزامن رد ڪندي چيو ته، سيڪيورٽي سببن جي ڪري هر تقريب لاءِ اسٽينڊرڊ آپريٽنگ پروسيجر (SOP) لاڳو آهن. اسين اظهار راءِ جي آزاديءَ تي پابندي ناهي لڳائي. هن وڌيڪ چيو ته آن لائن تقريبون جاري آهن ۽ انهن تي به ڪا پابندي ناهي.ايڇ آر سي پي جي باني ۽ موجوده ڪائونسل ميمبر حنا جيلاني چيو ته حڪومت اسان جي سرگرمين کي بند ڪرڻ لاءِ مختلف  طريقا استعمال ڪري رهي آهي.  حڪمران  اهڙا قانون آڻي رهيا آهن، جيڪي اسان جي مالي شفافيت ۽ خودمختياريءَ کي متاثر ڪري سگهن ٿا.

انساني حقن جي سرگرم وڪيل ايمان مزاري جو چوڻ آھي تھ پاڪستان مڪمل طور تي آمريت جي وڪڙ ۾ اچي چڪو آهي. نه ڪا آزاد عدليه بچي آهي، نه ميڊيا، وڪيلن جي تنظيمن کي ختم ڪيو ويو آهي ۽ سول سوسائٽيءَ کي ڪمزور ڪيو ويو آهي. اسان مارشل لا جي حالت ۾ آهيون.هن وقت پاڪستان ۾ انساني حقن جي صورتحال انتهائي خراب آهي، جنهن ۾جبري گمشدگيون (خاص ڪري بلوچستان ۾)سياسي آزادي تي پابنديون،پي ٽي آءِ جي اڳواڻن تي ڪيس، گرفتاريون، فوجي عدالتن ۾ سياسي ڪيس سول سوسائٽي، ميڊيا ۽ عدليا تي دٻاءُ، قومپرستن، خاص طور بلوچ ڪارڪنن خلاف آپريشن، بلوچ ڪارڪن ماهرنگ بلوچ کي مارچ 2025ع ۾ دهشتگردي، قتل ۽ بغاوت جي الزامن هيٺ گرفتار ڪيو ويو آهي.

بدقسمتي سان حڪومت حقيقي معنيٰ ۾ عام ماڻھن جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪڏھن ڪا ڪوشش نھ ڪئي آھي.جنھن ڪري ورھين کان صحت، تعليم، سفري توڙي ٻين گھربل سھولتن کان وانجھيل ماڻھن ۾ ويڳاڻپ جنم ورتو آھي، جيڪو ھڪ خطرناڪ لاڙو آھي، ان جو سموري معاشري تي اثر پئجي رھيو آھي جيڪڏھن جمھوريت آھي تھ پوءِ اھو اھڙو سسٽم ھجي جتي حقيقي معنيٰ ۾ ھر شھري جا ھڪجھڙا حق ھجن.ھر ڪو حڪمرانن کان سوال ڪرڻ جي جرئت ڪري سگھي، جتي ماڻھن جي جان مال ۽ عزت عملي طور تي محفوظ ھجي . ان سان ئي ملڪ ۾ جمھوري ۽ آئيني ڍانچي کي سگھارو ڪري سگھجي ٿو.ٻي صورت ۾ جيڪو ڪجھھ ٿي رھيو آھي ان سان عام ماڻھو حڪومتي ادارن کان بيزار ٿي ويندو ۽ ان جا ھڪ عرصي تائين جيڪي اثر ٿيندا اھي سڀني کي ڀوڳڻا پوندا.

جيڪو ڪجھه سنڌ ۾ ٿي رھيو آھي، ان تي باريڪ بيني سان نظر وجھڻ سان اندزاو  ٿئي ٿو تھ قانون خاموش آھي، يا گھٽ ۾ گھٽ اھو ڪنھن غريب غربي کي رليف ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آھي.اھڙي صورتحال سان سماج ۾  ڏڦيڙ پئدا ٿيندو .سنڌ ۾ روز  بدامني،چوري، اغوا ۽ ٻين ڏوھن جون ٽي.چار درجن وارداتون ٿين ٿيون. جنھن  تي لاڳاپيل ادارن پاران قدم نھ کڻڻ سبب ماڻھو مظاھرا ڪري احتجاج نوٽ ڪرائين ٿا، پر سرڪار انھن جي ھڪ بھ ٻڌڻ جي لاءِ تيار نھ آھي.سماج ھم آھنگي ۽ توازن سان اڳتي وڌندا آھن،اسان وٽ  انصاف جي اڻھوند، اڻبرابري، غربت، بيروزگاري ۽ سماجي اونچ نيچ ھڪ  گاڏڙ ماحول پئدا ڪيو آھي، جنھن ڪري سموري سماج ۾بگاڙ پيدا ٿي رھيو آھي ۽ معاشري ۾ ڏوھن جو گراف وڌي رھيو آھي

 جيڪڏھن حڪومت  ملڪ توڙي سنڌ ۾ موجود مسئلن  ڏانھن  ڌيان  ڏئي ڪري سچائي سان  قانون تي عمل ڪرائي تھ بھ سماج مثبت رخ ۾ اڳتي وڌي سگھي ٿو، پر جيڪو ڪجھه سامھون ٿي رھيو آھي، ان سان تھ لڳي ٿو تھ اسان سڀ ھڪ دائري ۾ ڦاسي ويا آھيون ۽ ”گھاڻي جي ڍڳي“ جيان ڦيرو ڏئي رھيا آھيون.

گذارش ھي آھي تھ ھر ٿاڻو پنھنجي حدن ۾ ڏوھارين کي پروموٽ ڪرڻ بدران عملي طور ڏوھارين جي پاڙ پٽي، عوام جي جان مال ۽ عزت جي حفاظت جو رڳو سکڻو نعرو نھ ھنيو وڃي پر ان تي عمل ڪرايو وڃي.واپارين جي ھڪ ھٽي سان ڪيل مھانگائي ختم ڪئي وڃي.ڌاڙيلن جي خلاف ميدان ۾ عملي ڪارروائي ڪئي وڃي،اسپتالن ۾ ماڻھن کي دوائون ڏني وڃي، علاج ڪيو وڃي، قانون امير توڙي غريب کي ھڪ اک سان ڏسي.ڏوھارين خلاف اھڙي ڪارروائي ڪئي وڃي جنھن سان سماج جي اڪثريت کي اطمينان ٿئي.سردارن پاران قائم جرڳا سسٽم ختم ڪيا وڃن.عدالتون ماڻھن کي بروقت انصاف ڏين.ٿلھن ڪتابن ۾ لکيل قانون تي عمل ڪيو وڃي، سنڌ حڪومت چاھي تھ اھي ڪم ڪري  عوام کي رليف ڏئي سگھي ٿي.جنھن سان سماج کي ھڪ سڌاري واري طرف سفر شروع ڪري سگھي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.