سپر اسٽارز جهرمٽ بنا ” سِيارا“ ٻه سئو ڪروڙ ڪمائي ماهرن کي ڏندين آڱريون ڏئي ڇڏيون

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ”زهَر“، ”ڪليوگ“، ”آواراپن“، ”مرڊر 2“، ”عاشقي 2“ ۽ ”ايڪ ولن“ جهڙين فلمن جي هدايتڪار موهت سوري جي رومانوي فلم ”سِيارا“ اميدن جي ابتڙ باڪس آفيس تي بلاڪ بسٽر ثابت ٿي رهي آهي ۽ رليز جي 8 ڏينهن اندر ئي فلم ڀارت ۾ 193 ڪروڙ ۽ 75 لک ۽ مجموعي طور 228 ڪروڙ 62 لک رپين جو بزنس ڪري انڊسٽري سان وڳيل ماڻهن کي ڏندين آڱريون ڏيئي ڇڏيون آهن.
بهترين موسيقيءَ سان گڏ فلم ۾ وڏن ستارن بدران نوجوان ٽيلنٽ کي موقعو ڏنو ويو آهي.
اٽڪل ٻن ڏهاڪن ۾ 13 فلمن جي هدايتڪاري ڪندڙ موهت سوريءَ جي ٻي ڪا به فلم ماضيءَ ۾ اهڙي ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهي آهي.

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

هن فلم پنهنجي رليز جي پهرين ڏينهن ئي 21.5 ڪروڙ رپيا ڪمايا، جيڪو ڪنهن به اهڙي فلم لاءِ وڏي ڳالهه آهي، جنهن ۾ ڪو ناليوارو اداڪار موجود نه هجي.
فلم ” سيارا” کي نه رڳو ڀارت پر پاڪستاني ناظرين خاص طور نوجوانن طرفان زبردست موٽ ملي رهي آهي.
”سيارا“ کان هندي سئنما ۾ قدم رکندڙ آهان پانڊي جو ڀيٽ ريتِڪ روشن سان ڪئي پئي وڃي، جنهن 25 سال اڳ سپر هٽ فلم ”ڪهو نا پيار هي“ ذريعي ڊيبيو ڪيو هو.
فلمي تجزئي نگار ۽ شوقين طرفان به انيت پڊا ۽ آهان جي جوڙي مان به باڪس آفيس تي رِيتڪ روشن ۽ اميشا پٽيل جي جيان ٿرٿلو مچائڻ جي اميد ظاهر ڪئي وئي آهي.

آهان پانڊي ۽ انيت پُڊا ڪير آهن؟
آهان پانڊي مشهور اداڪار چنڪي پانڊي جو ڀائيٽيو ۽ چِڪي پانڊي ۽ فٽنيس ڪوچ ڊيان پانڊي جو پٽ آهي. 27 سالن جو آهان اداڪاري جي ميدان ۾ اچڻ کان اڳ ڪجهه فلمن ۽ ويب سيريز ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪري چڪو آهي.
ذڪر جوڳي ڳالهه اِها آهي ته ” سيارا“ جي پروڊيوسر آدتيا چوپڙا هدايتڪار موهت سوري کي آهان کي فلم ۾ ڪاسٽ ڪرڻ جو مشورو ڏنو هو.
شروعات ۾ موهت سوري کي لڳو ته آهان مُک ڪردار لاءِ مناسب نه آهي، پر ڪجهه وقت گڏ گذارڻ کانپوءِ هو هن ڳالهه تي راضي ٿي ويو ته فلم جي رومانوي ڪهاڻي لاءِ آهان ئي صحيح چهرو آهي.
آهان جي مقابلي ۾ مرڪزي ڪردار نڀائيندڙ انيت پُڊا ٻه سال اڳ رليز ٿيل ويب سيريز ”بگ گرلز ڊونٽ ڪراءِ“ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري چڪي آهي، جنهن لاءِ سندس ڪم کي ساراهيو ويو هو.
امرتسر سان واسطو رکندڙ انيت پڊا انڊسٽريءَ ۾ اچڻ کان اڳ ماڊلنگ ڪندي هئي ۽ ڪيئي اشتهاري فلمن ۾ ڪم ڪري چڪي آهي.
”سيارا“ جو سپر هٽ ٽائيٽل ٽريڪ ۽ ٻيا گيت به فلم جي محبت جي ڪهاڻي جي جذباتي پهلوئن کي ڀرپور نموني سان اجاگر ڪن ٿا.
فلمي نقادن جو خيال آهي ته موسيقي هن فلم جي ڪاميابي ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي.
واضح رهي ته باڪس آفيس تي اٽڪل 600 ڪروڙ ڪمائي تاريخ رقم ڪندڙ فلم ” ڇُوا“ کانپوءِ ” سيارا“ هلندڙ سال جي ٻي وڏي اوپننگ ڪندڙ فلم بڻجي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.