بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين جي شهر بائوڊنگ ۾ هڪ ئي ڏينهن ۾ تقريبن هڪ سال جيتري برسات پئجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 19 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي گهرن مان نڪرڻو پيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب رڳو 24 ڪلاڪن ۾ 448 ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات رڪارڊ ٿي آهي، جنهن سان فليش فلڊز، بجلي جا بريڪ ڊائون ۽ روڊن ۽ پلن کي نقصان پهتو.
هوڏانهن بيجنگ ۾ تيز برساتن کانپوءِ امڪاني آفتن جي حوالي سان وارننگ جاري ڪئي وئي آهي.
You might also like