پنجون اسپيل، سومر کان وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي، الرٽ جاري

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ سومر کان وري برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، پي ڊي ايم اي پنجين اسپيل جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو.
پي ڊي ايم اي ترجمان موجب 28 کان 31 جولاءِ دوران ڪيترن ئي ضلعن ۾ مينهن وسي سگهي ٿو، اٽڪ چڪوال، جهلم، منڊي بهاوالدين، گجرات، گوجرانوالا، لاهور، شيخوپورا، سيالڪوٽ، نارووال، جهنگ، ساهيوال، ٽوبا ٽيڪ سنگهه، خوشاب، سرگوڌا، ميانوالي، چنيوٽ، فيصل آباد، اوڪاڙا ۾ برسات جو امڪان آهي.

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

برساتن کي ڏسندي سڄي پنجاب ۾ ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، لاهور، راولپنڊي، گوجرانوالا ۽ فيصل آباد ۾ شهري ٻوڏ جو خدشو آهي.
پي ڊي ايم اي چيو آهي ته چوماسي هوائن سبب اسلام آباد، خيبر پختونخواهه، ڪشمير، گلگت بلتستان ۾ تيز برسات جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.