فلسطين کي تسليم ڪرڻ جي حق ۾ آهيان: اٽلي جي وزيراعظم

روم (ويب ڊيسڪ) اٽليءَ جي وزيراعظم جارجيا ميلوني چيو آهي ته فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جي حق ۾ آهيان پر اڳ ۾ ان جو باضابطا قيام عمل ۾ اچڻ ڏيو.
اطالوي اخبار کي انٽرويو ۾ ميلوني چيو ته مان فلسطيني رياست جي حق ۾ آهيان پر ان جي قيام کان اڳ ان کي تسليم ڪرڻ جي حق ۾ ناهيان.
هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن اهڙي شئي کي ڪاغذ تي تسليم ڪيو وڃي جيڪا حقيقت ۾ موجود ئي ناهي ته مسئلو حل ٿيل محسوس ٿي سگهي ٿو، توڙي جو ائين ناهي هوندو.
سندس چوڻ هو ته فسلطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جو عمل ان وقت ٿيڻ گهرجي، جڏهن نئين فلسطيني قيادت اسرائيل کي به تسليم ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.