ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي صحت واري سيڪريٽري ريحان بلوچ کي هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سندس جاءِ تي ٽن ڪامورن جي نالن تي غور ٿي رهيو آهي. ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب صحت کاتي جي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو صحت کاتي جي سيڪريٽري ريحان بلوچ جي ڪم مان مطمئن ناهي. سنڌ جي ڪجهه وزيرن، ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز صحت واري سيڪريٽري پاران سندن ڪم نه ٿيڻ جون شڪايتون ڪيون آهن. هن وقت نئين سيڪريٽري لاءِ قاضم جتوئي، ذوالفقار شاهه ۽ زاهد عباسي جي نالن تي غور ٿي رهيو آهي. ياد رهي ته ريحان بلوچ کي اڳ ۾ به هٽائڻ جو فيصلو ٿي چڪو هو پر بجيٽ جو مرحلو اچي وڃڻ سبب کيس نه هٽايو ويو هو. ذريعن عوامي آواز کي وڌيڪ ٻڌايو ته سيڪريٽري ورڪس اينڊ سروسز محمد نواز سوهو جو سيڪريٽري صحت طور مقرري جو آرڊر ٿي ويو هو پر بااثر شخصيت جي مداخلت سبب فيصلو واپس ورتو ويو هو. روزاني عوامي آواز پاران صحت کاتي جي سيڪريٽري ريحان بلوچ سان رابطو ڪيو ويو پر هن ڪال وصول نه ڪئي.