ڪنري (ت ر)جسقم شھيد بشير خان گروپ جي چيف آرگنائزر ۽ قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي نيشنل پريس ڪلب ڪنري ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي عمرڪوٽ ضلعي سميت سڄي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ڪمپني کي الاٽ ڪرڻ خلاف 29 جولاء تي عمرڪوٽ ۾ ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي زمين ڪمپني کي الاٽ ڪئي وئي آھي، هن چيو ته ڪارپوريٽ رٿا ۽ سنڌو دريا تي اڏجندڙ ڪينال رٿا سنڌ لاءِ ڪاريهر نانگ مثل آهن جنهن خلاف سنڌ نه اٿي ته اسان جي نسلن کي ان جو نقصان ڀوڳڻو پوندو، ٻٻرلو ڌرڻي ۾ حڪمرانن وڪيلن سان واعدو ڪيو ته ڪئنال نه ٺهندا پر حڪمران واعدي تان ڦري ويا ڪئنال ٺھن پيا،هن چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال خراب آھي هتي منٿلي عيوض ايس ايس پيز لڳايا وڃن ٿا، سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ آھي، پوليس ڪمداري ۽ سنڌ حڪومت ڪرپشن ڪرڻ ۾ پوري آھي سموري سنڌ منشيات فروشن جي هٿين چڙھيل آھي ۽ نوجوان نسل تباھي جي ڪنڌي تي پھتل آھي، ان موقعي تي قومپرست اڳواڻ پنھل ساريو، جميل ڌونڪائي، غلام نبي خاصخيلي، مشتاق چانڊيو، ستار چانڊيو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.