اسلام آباد(م ڊ) ملڪ ۾ کاڄرو تيل ۽ گيهه تي عوام کان في ڪلو 175 رپيا تائين وڌيڪ رقم وصول ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، وفاقي حڪومت ان معاملي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي، اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته مسابقتي ڪميشن ذريعي گهيءَ ۽ ڪوڪنگ آئل جي صنعت ۾ ملي ڀڳت جي جاچ شروع ڪرائي ويندي، ذريعن موجب، عالمي مارڪيٽ ۾ ڪوڪنگ آئل جي قيمتن ۾ 25 سيڪڙو تائين گهٽتائي ٿي آهي، پر ان جي باوجود پاڪستان ۾ قيمتون وڌي ويون آهن، عوام کان في ڪلو تي 150 کان 175 رپيا وڌيڪ وصول ڪيا پيا وڃن، ٻي پاسي کنڊ جي قيمت اڃا تائين حڪومت طرفان مقرر ڪيل سطح تي نه اچي سگهي آهي، ڪراچي جا شهري ملڪ ۾ سڀ کان مهانگي کنڊ خريدڻ تي مجبور آهن، جتي کنڊ جي وڌ ۾ وڌ قيمت 200 رپيا في ڪلو تائين برقرار آهي، اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ کنڊ جي قيمت 185 رپيا في ڪلو تائين پهچي وئي آهي، ساڳيءَ طرح، لاهور، سيالڪوٽ، ۽ گوجرانوالا ۾ کنڊ جا اگهه 180 رپيا في ڪلو تائين آهن، فيصل آباد ۽ پشاور ۾ کنڊ 190 رپيا في ڪلو تائين وڪرو ٿي رهي آهي، ادارو شماريات موجب، گذريل هفتي جي مقابلي ۾ کنڊ جي سراري قيمت ۾ 8 رپيا في ڪلو جي گهٽتائي ٿي آهي، گذريل هفتي تائين کنڊ جي سراسري قيمت 188 رپيا في ڪلو تائين هئي، جيڪا 180 رپيا 4 پئسا في ڪلو تائين اچي وئي آهي، هڪ سال اڳ ملڪ ۾ کنڊ جي سراسري قيمت 147 رپيا 71 پئسا في ڪلو هئي.